ڪوئيٽا(مانيٽرنگ ڊيسڪ)بلوچستان ۾ برساتن تباهي آڻي ڇڏي آهي. مختلف شهرن ۾ زندگي مفلوج ٿي وئي. جنهن بعد فوج  ۽ ليويز اهلڪارن مختلف علائقن ۾ پهچي امدادي ڪاروائيون شروع ڪري ڏنيون آهن.  جڏهن ته بلوچستان جي نگران حڪومت گوادر کي آفت سٽيل ضلعو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ صوبي جي نگران اطلاعات وزير جان اچڪئي چيو آهي ته گوادر ضلعي کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي. نگران وزيراعليٰ بلوچستان جي ضلعي گوادر کي آفت سٽيل قرار ڏيڻ جي سمري تي صحيح ڪري ڇڏي آهي. جان اچڪزئي چيو ته گوادر کي تازين برساتن کان پوءِ ڳڻتي جوڳي حالت جي ڪري آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي.  ٻئي پاسي گوادر ۽ ڀرپاسي ڪالهه به نگرو ۾ برسات ۽ ڳڙو پيو. برساتن سبب پاڻي جو زور وڌي ويو  ٻنين جي حفاظت لاءِ جوڙيل بند ٽٽي ويو. بند ٽٽڻ سي پاڻي گوادر شهر  ۾ داخل ٿي ويو، جنهن جي ڪري شهر ۾ گھرن اندر 3_3 فوٽ پاڻي داخل ٿي ويو. واضح رهي ته گوادر ۾ شديد برساتن کانپوءِ ڪيئي علائقي پاڻيءَ هيٺ اچي ويا آهن جڏهن ته وڌيڪ برساتن جو سلسلو پڻ جاري آهي، لاڳيتي برساتن سبب گهرن ۾ پاڻي جمع ٿي ويو آهي. ٻئي پاسي نوشڪي ۾ ٻوڏ اچي وئي آهي. جنهن سبب زندگي مفلوج ٿي وئي آهي. جڏهن ته ريلوي لائن کي نقصان پهچڻ ڪري پاڪ_ايران ريلوي رابطو ڪٽجي ويو آهي. هوڏانهن نوڪنڊي جي ڌٻڻ واري علائقي ۾ ڦاٿل گاڏيون ڪڍڻ لاءِ ليويز اهلڪار پهتا، جتي متاثرن ۾ خوراڪ، پاڻي ۽ ڪمبل ورهايا ويا. بلوچستان جي شهر ڪوئيٽا ۾ به برسات سبب روڊ ٻڏي ويا، مستونگ، قلات، چاغي، چمن، قلعه عبدالله ۽ پيشين سميت ٻين ضلعن ۾ به برساتن سبب واهن ۽ نالن ۾ چاڙهه آهي. گوادر جي شهرين انتظاميا توڙي حڪومت کي ڏوراپو ڏيندي چيو آهي ته کين پڇڻ وارو ڪير به نه آهي، ٻار،عورتون، بزرگ بک اڃ تي آهن. ٽن ڏينهن کان ڪير سمهي ناهي سگھيو. ان کان سواءِ سول اسپتال جي سامهون گڏ ٿيندڙ پاڻي جي ڪري مريضن ۾ پريشاني پکڙيل آهي. متاثر علائقن ۾ پاڪ فوج پاران امدادي ڪارروائيون ۽ راشن جي ورڇ جاري آهي. ياد رهي ته گوادر ۾ ٻن ڏينهن دوران 183 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي ۽ اڃا به وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي پئي وڃي.