بلوچستان: نوشڪي ۽ پنجگور ۾ 13 دهشتگرد مارجي ويا، 7 جوان به شهيد ٿيا: آءِ ايس پي آر

0
274

اسلام آباد: آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته نوشڪي ۽ پنجگور ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 13 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب گذريل رات دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻائڻ بعد سيڪيورٽي فورسز مفرور دهشتگردن جي ڳولا لاءِ ڪليئرنس آپريشن ڪيو

پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ پاران جاري ڪيل بيان موجب پنجگور ۾ هينئر تائين 4 دهشتگرد مارجي ويا آهن، سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي خاتمي لاءِ آپريشن ڪري رهي آهي. آءِ ايس پي آر موجب پنجگور ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پاڪ فوج جا 3 جوان شهيد ۽ 4 زخمي ٿي پيا

پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ موجب نوشڪي ۾ 9 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته دهشتگردن جي حملي کي منهن ڏيڻ دوران پاڪ فوج جا 4 جوان شهيد ٿي ويا.آءِ ايس پي آر موجب، ابتدائي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته دهشتگرد ۽ انهن جا مددگار ڀارت ۽ افغانستان ۾ رابطي ۾ هئا

ھي به پڙھندا

دهشتگردن کي نه ڇڏينداسين،نوشڪي ۾ 9 ۽ پنجگور ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا: شيخ رشيد