ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان مان بندش پيل ٽي ٽي پي شوريٰ جو اهم ڪمانڊر نصرالله گرفتار ٿي ويو، صوبائي گهرو وزير ضياءَ لانگو ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران صوبي ۾ دهشتگردن جو وڏو نيٽ ورڪ پڪڙيو ويو آهي، گذريل ڏينهن آپريشن دوران گرفتار ڪيل دهشتگرد ڪمانڊر نصرالله تحريڪ طالبان جي شوريٰ جو ميمبر آهي ۽ دفاعي ڪميشن جو ميمبر به رهيو آهي، صوبائي گهرو وزير پريس ڪانفرنس دوران گرفتار ڪيل دهشتگرد ڪمانڊر جو وڊيو بيان به ڏيکاريو، وڊيو بيان ۾ ڪمانڊر نصرالله پاڪستان ۾ 16 سالن کان سيڪيورٽي فورسز خلاف دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث هئڻ جو اعتراف ڪيو. دهشتگرد ڪمانڊر چيو ته بندش پيل ٽي ٽي پي جي انتظام ۽ خاص ڪري مالي معاملن پٺيان ڀارتي ڳجهو ادارو را موجود آهي، دهشتگرد چيو ته  افغان حڪومت به ٽي ٽي پي کي مالي مدد، تربيت ۽ افرادي قوت فراهم ڪري رهي آهي، ٽي ٽي پي جا دهشتگرد افغانستان ۾ سرعام گهمي رهيا آهن