بلوچستان جي گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو بااختيار ڌرين آڏو اٿاريندس: وزير اعظم

0
314
بلوچستان جي گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو
بلوچستان جي گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو بااختيار ڌرين آڏو اٿاريندس: وزير اعظم

خضدار: وزير اعظم شهباز شريف بلوچستان جي مسئلن کي سنگين قرار ڏيندي چيو آهي ته گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو بااختيار ماڻهن آڏو اٿاريندس ۽ انصاف جي بنياد تي مسئلو حل ٿي ويندو

خضدار ۾ ڪچلاڪ قومي شاهراهه جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ترقي جي حوالي سان بلوچستان پوئتي رهجي ويو آهي، سئي مان گئس نڪري ٿي پر مقامي ماڻهن گئس جي سهولت کان محروم آهن، بلوچستان جي عوام کي ڪجهه ناهي مليو

هن چيو ته بلوچستان جي قيادت مسنگ پرسن تي ڳالهائي رهي آهي، وڪيل به آواز اٿاري رهيا آهن، يقين ڏياريان ٿو ته مسنگ پرسن جو مسئلو اعليٰ اختيارين آڏو اٿاريندس ۽ مسئلو انصاف تحت حل ڪرائيندس