بلوچستان جي وڏي وزير خلاف به بي اعتمادي رٿ جي گونج

0
192
بلوچستان جي وڏي وزير

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو جي خلاف عدم اعتماد رٿ آڻڻ جي لاءِ بي اي پي جي ناراض ميمبرز صلاح مشورو شروع ڪري ڇڏيو

بلوچستان عوامي پارٽي پي ٽي آءِ جي ناراض ميمبرز سان رابطو ڪيو آهي ۽ ٻين سياسي جماعتن سان به رابطو ڪيو ويندو

 حڪومت خلاف به بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو اشارو، اڳوڻي وڏي وزير ڄام ڪمال جِي سردار يار محمد رند سان ملاقات،

اڳوڻي وڏي وزير ڄام ڪمال چيو آهي ته بلوچستان حڪومت رويو درست نه ڪيو ته بي اعتمادي رٿ آڻينداسين، اسان کي اقتدار جي ڪا به لالچ ناهي

سردار يار محمد رند چيو ته اربين روپيا ڏئي وزير اعليٰ بڻجڻ تي بيان تي قائم آهيان، جاچ جي لاءِ ڪميشن جوڙي وڃي،  آصف زرداري سان دوستي آهي تنهن ڪري ساڻس ملاقات ڪئي، ملاقات جو مطلب اُهو ناهي ته پ پ ۾ پيو وڃان

ٻئي پاسي قانوني ماهرين جو چوڻ آهي ته عبدالقدسو بزنجو جي خلاف 8 اپريل 2022 کان اڳ تحريڪ عدم اعتماد نٿي اچي سگهي

ھي به پڙھندا

ميمبرن کي ايوان ۾ آڻي 172 کان وڌيڪ ووٽ کڻنداسين: اپوزيشن جي ٽن وڏن جو اعلان