بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال پنهنجي پارٽي جي ناراض ميمبرز کي پرچائڻ ۾ ناڪام

0
291

ڪراچي: بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال پنهنجي پارٽي جي ناراض ميمبرز کي پرچائڻ ۾ ناڪام، باپ جي رُٺل ميمبرز ڄام ڪمال سان ناراضگي ختم نه ڪئي، وڏي وزير جي گهر پهچي ڳالهيون ڪرڻ باوجود صوبائي وزير سردار يار محمد خان ۽ بشريٰ رند اُميد جوڳي موٽ نه ڏني.

باپ جي سينيئر اڳواڻن ڄام ڪمال جي وڏ وزارت بچائڻ لاءِ رابطا تيز ڪري ڇڏيا، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ريسڪيو مشن تي اڄ ڪوئيٽا پهچي رهيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته صادق سنجراڻي بي اي پي جي ناراض ميمبرز سان ملاقاتون ڪندو، بلوچستان جي وڏي وزير تي اپوزيشن جي بي اعتمادي رٿ جي تلوار به لٽڪيل، رٿ تي ووٽنگ لاءِ اسيمبلي جو اجلاس اڃا تائين طلب نه ڪيو ويو.