بلوچستان جا تيرٿ، اسٿان، زيارتون ۽ اڙانگا رستا

0
36
بلوچستان جا تيرٿ، اسٿان، زيارتون ۽ اڙانگا رستا

 اهو ڏينهن خالي ناهي، جنهن ڏينهن ملڪ جي روڊن رستن تي پيش ايندڙ ڪنهن نه ڪنهن حادثي جي خبر رپورٽ نه ٿيندي هجي. عيد الفطر جي ڏينهن ڳوٺ قاسم جوکيو مڪلي سان تعلق رکندڙ 70 کان مٿي زائرين جيڪي درگاھ شاھ نوراني جي زيارت ڪري واپس اچي رهيا هئا ته اوچتو پيش آيل روڊ حادثي جي نتيجي ۾ ڳوٺ قاسم جوکيو جي 16 زائرين ساڻ گڏ مڪلي ترڪش ڪالوني، ٻاٻڙا اسٽاپ واسي 2 زائرين سميت حادثي ۾ 18 ڄڻا فوت ٿي ويا. زائرين جن عيد جي ڏهاڙي صرف پنهنجي ڳوٺ ۾ عيد نماز ادا ڪئي ۽ ٽرڪ ۾ سوار ٿي “جيئي شاھ، جبل ۾ شاھ”، “نوراني نور، هر بلا دور” جا زوردار نعرا هڻندا وڃي درگاھ شاھ نوراني تي پهتا ۽ هتان وري درگاھ جي زيارت ڪري واپس ٽرڪ ۾ سوار ٿي پنهنجي ماڳ يعني ڳوٺ اچي رهيا هئا ته نوراني ويجھو ئي سندن ٽرڪ چاڙهي تان لهڻ وقت ڊرائيور کان بي قابو ٿي وڃي اونهي کاهيءَ ۾ ڪري.

                 اها حالت آهي ملڪ جي وڏي درگاھ جي، جتي سال جا ٻارنهن ئي مهينا زائرين جي آمد هوندي آهي ته وري عيد جي ڏهاڙن تي سنڌ سميت پوري ملڪ مان زائرين جي تمام گھڻي آمد ٿيندي آهي. جڏهن ته ايڏي وڏي تعداد ۾ درگاھ تي زائرين جي آمد هجي ته اتي وري روڊ، رستن جي حالت اها جو آئي ڏينهن حادثا معمول بڻيل آهن. بلوچستان ۾ روڊن رستن جي بهتر نه هجڻ ۽ وري انهن جي سالن کان مرمت نه ٿيڻ ڪري ڄڻ آئي ڏينهن حادثن جو پيش اچڻ معمول بڻيل آهي پر ان جي باوجود بلوچستان حڪومت الائي ڇو ايڏي وڏي درگاھ توڙي تاريخي اهميت جي حامل ماڳن، آثارن ۽ سسئي- پنهونءَ جي درگاھ، جتي هزارين زائرين توڙي تفريح لاءِ ايندڙن جي آمد جي باوجود روڊن کي نه وڌيڪ بهتر بڻائي سگھي آهي ۽ نه ئي وري بلوچستان سرڪار روڊن کي ويڪرو ڪشادو ڪري ون وي بڻائي سگھي آهي. ساڳين روڊن توڙي هتان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پڻ صحت جي ڪا اهڙي سهولت بلوچستان سرڪار ميسر ناهي ڪري سگھي ته خدا نخواسته ڪو روڊ ايڪسيڊنٽ ٿئي ته اتي قائم اسپتالن ۾ فوري طور حادثي جي زخمين کي پهچائي سندن علاج شروع ڪري انهن جون قيمتي جانيون بچائي سگھجن. حب کان درگاھ شاھ نوراني تائين، ان سڄي وچ واري روڊ تي هتان جي ٻئي ڪنهن ڳوٺ يا علائقي ۾ ڪا اهڙي اسپتال به ناهي جو حادثي جي زخمين کي اتي کڻي وڃجي، جنهن ڪري انهي روڊ تي ڪو حادثو وغيره پيش اچي ٿو ته زخمين کي حب شهر پهچايو ويندو آهي يا وري ڪراچي ويندو آهي. اهوئي مڪلي جي ڳوٺ قاسم جوکيو واسين زخمين توڙي فوتين سان حال ٿيو آهي. ڪيترائي ڪلاڪ هڪ ته سڄي روڊ تي ڪٿي به نه پوليس جو ڪو متحرڪ ڪردار نظر اچي ٿو ۽ نه وري سموري شاھ نوراني واري روڊ تي ڪٿي ايمبولينس سروس پوائنٽ آهي ته جيئن ان روڊ تي جيڪڏهن ڪو حادثو پيش اچي ته فوري طور تي ايمبولينس پهچي وڃي ته جيئن زخمين جون قيمتي جانيون بچي سگھن. گھڻي دير بعد ايمبولينس جي اچڻ ۽ وري هتان جي ڀرپاسي وارن ڳوٺاڻن جي پهچڻ بعد اهو ممڪن ٿي سگھيو جو وڏي انگ 52 زخمي ٿيلن کي وري حب اسپتال ۽ ڪراچي سول اسپتال جي ٽراما سينٽر پهچايو ويو. هن مهل 12 اهڙا مريض آهن جن مان 6 ٽراما سينٽر جي وينٽيلٽر تي آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته انهن جي ڳڻتي جوڳي حالت سبب وينٽيليٽر تي انهن جون زندگيون خطري هيٺ آهن.

هڪ ئي ڳوٺ قاسم جوکيو جي ڳوٺاڻن جي اوچتو ٽرڪ جي کاهيءَ ۾ ڪرڻ سبب فوت ٿيڻ جي خبر ڳوٺ پهتي ته اها خبر نه رڳو هتان جي رهواسين لاءِ هوش حواس وڃائڻ واري خبر هئي پر سڄي ڳوٺ کي سڪتي طاري ڪرڻ واري خبر هئي، جنهن سان عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون. ڇاڪاڻ جو ڳوٺ جي هر گھر مان هڪ يا 2 ماڻهو شاھ نوراني جي زيارت تي ٽرڪ ۾ سوار ٿي ويل هئا. هر گھر مان زخمي توڙي وڇڙي ويل پيارن جي يادن ۽ انهن جي اوچتي وڇوڙي تي ڄڻ قيامت ضغريٰ برپا ٿي وئي. ڳوٺ قاسم جوکيو جا زائرين پورهيت هئا، جيڪي سڄو ڏينهن پيٽ جي پورائي لاءِ اتي ئي ريتي، بجري سان گڏ پٿرن جي مزدوري ڪري پنهنجي ڪٽنب جي بک وِسائيندا هئا ۽ هاڻ جڏهن ان ئي ڳوٺ جا 15 پورهيت بدنصيب حادثي جي ور چڙهي فوت ٿي ويا آهن ته ڄڻ اهي 15 پورهيت نه پر 15 خاندان سخت متاثر ٿي ويا آهن. چيو وڃي ٿو ته انهن گھرن جي ڪمائي ڪندڙ پورهيتن جي فوت ٿيڻ بعد هاڻ انهن جي پونئيرن جي سار لهڻ وارو ڪوبه ڪونهي. بلوچستان حڪومت تي ذميواري عائد ٿي ٿئي اها به حب کان درگاھ شاھ نوراني تائين نه رڳو روڊ کي ون ڪري پر جبلن واري ايندڙ چڙهائين جي ٻنهي پاسن کان پڻ ديوارون لڳائي ۽ ان سان گڏ هر 20 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي پوليس پڪٽن جي قائم ڪرڻ ۽ اتي ايمبولينس سروس جي موجودگي توڙي حب اسپتال ۾ گھربل صحت جي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي ته جيئن پيش ايندڙ حادثن ۾ گھٽتائي اچڻ سان گڏ زائرين جون قيمتي جانيون پڻ محفوظ بڻجي سگھن .