بلاول ڪچي عمر ۾ پنهنجي پيءُ کان سياست جا سمورا منفي گُر سکي ويو: فياض چوهاڻ

0
217

ڪراچي(م ڊ) پنجاب حڪومت جي ترجمان فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪچي عمر ۾ ئي پنهنجي والد آصف علي زرداري کان منفي سياست جا سڀئي گُرسکي ويو آهي.

بلاول جي گذريل ڏهاڙي واري بيان تي رد عمل ڏيندي فياض چوهاڻ جو چوڻ هو ته پنجاب جي وڏي وزير پنهنجي ڪارڪردگي سان سمورن وڏن وزيرن کي مات ڏئي ڇڏي آهي.

هن جو چوڻ هو ته موروثي سياست جي پيداوار بلاول عثمان بوزدار کي ڪٺ پتلي چوڻ کان اڳ پنهنجي جيءُ ۾ جهاتي پائي، پنجاب حڪومت انصاف ڪارڊ ۽ يونيورسٽيون ٺاهي عوام جي خدمت ڪري رهي آهي، جڏهن ته سنڌ صاف پاڻي ۽ صحت جون مناسب سهولتون به عوام کان کسي ورتيون آهن.

هن چيو آهي ته پنجاب ڪورونا کي مات ڏني پر سنڌ ڪورونا جا سڀ کان وڌيڪ ڪيسز پيدا ڪندو رهيو، آصف زرداري جي ڪٺ پتلي سنڌ ڪابينا ۽ مائٽ وزير هر محاذ تي ناڪام آهن.

پنجاب حڪومت جي ترجمان فياض الحسن چوهاڻ جو چوڻ آهي ته پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار آئي ڏينهن ڪارڪردگي جا نوان سنگ ميل عبور ڪري رهيو آهي.