بلاول پاڪستان تي دهشتگرديءَ جا الزام هڻندڙ ڀارتي وزير جئي شنڪر کي ڌوئي ڇڏيو

0
379

بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان تي دهشتگرديءَ جا الزام هڻندڙ ڀارت جي پرڏيهي وزير جئي شنڪر کي ڌوئي ڇڏيو

گڏيل قومن ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته جئي شنڪر کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته اساما بن لادن ته مري چڪو آهي پر گجرات جو قصائي نريندر مودي اڃا جيئرو آهي ۽ ڀارت جو وزيراعظم آهي

بلاول چيو ته  گجرات جو قصائي هاڻي ڪشمير جو قصائي بڻيل آهي، ڀارت جي حڪمران جماعت آر ايس ايس هٽلر جي جماعت ايس ايس جي نظرين کان متاثر آهي

هن چيو ته آر ايس ايس مسلمانن خلاف زهر پکيڙي رهي آهي، ڀارتي حڪمران جماعت جو هيرو گانڌي نه پر گانڌي کي قتل ڪندڙ شخص آهي

هي به پڙهندا

روس کان سستو تيل خريد نه پيا ڪريون، بلاول درست ٿو چوي: مصدق ملڪ