بلاول وزيراعظم لاءِ اميدوار نامزد: پنجاب ۾ ن ليگ کي مڙهي پ پ کي روڪيو پيو وڃي، همت آهي ته منهنجو مقابلو ڪريو: پ پ چيئرمين

0
65
بلاول وزيراعظم لاءِ اميدوار نامزد: پنجاب ۾ ن ليگ کي مڙهي پ پ کي روڪيو پيو وڃي، همت آهي ته منهنجو مقابلو ڪريو: پ پ چيئرمين
بلاول وزيراعظم لاءِ اميدوار نامزد: پنجاب ۾ ن ليگ کي مڙهي پ پ کي روڪيو پيو وڃي، همت آهي ته منهنجو مقابلو ڪريو: پ پ چيئرمين

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي پنهنجي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي وزارت عظميٰ لاءِ اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ لاهور ۾ پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزييڪٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ 10 نقاطي منشور جي به منظوري ڏني وئي. آصف زرداري پيپلزپارٽي پاران وزيراعظم جي اميدوار طور بلاول ڀٽو زرداري جو نالو پيش ڪيو

اجلاس ۾ پارٽي قيادت آصف علي زرداري جي قيادت تي اطمينان جو اظهار ڪيو آصف علي زرداري پاران بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم جو اميدوار نامزد ڪرڻ جي سي اي سي منظوري ڏني. ميڊيا رپورٽن موجب  لاهور ۾ پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪتو ڪميٽي (سي اي سي) جو بلاول هائوس ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ يوسف رضا گيلاني، مهدي شاهه، قمر زمان قائرا، منظور وساڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چونڊ مهم، منشور، ملڪي سياسي  صورتحال ۽ چونڊن جي حوالي سان رابطن تي الهه ٻولهه ڪئي وئي. آصف علي زرداري پيپلز پارٽي پاران وزيراعظم جي اميدوار جي طور تي بلاول ڀٽو زرداري جو نالو پيش ڪيو

سي اي سي بلاول ڀٽو زرداري جو نالو وزيراعظم جي اميدوار جي طور تي منظور ڪري ورتو. اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽي ۾ آصف علي زرداري وزيراعظم لاءِ منهنجو نالو نامزد ڪيو آهي، جنهن جي منظوري ڏني وئي. هن چيو ته اسان جو واعدو آهي ته اسين پاڪستان ۾ مفت تعليم ڏيڻ وڃي رهيا آهيون، هر ٻار کي موقعو ملندو ته اهو تعليم ماڻي سگهي. اسان جو واعدو آهي ته ملڪ ۾ بجلي جوبحران ختم ڪنداسين

هن چيو ته اسين حڪومت ۾ اچي اين آءِ سي وي ڊي، ايل آي جھڙا صحت جا ادارا جيڪي سنڌ ۾ قائم ڪيا آهن، اهي سڄي ملڪ جي سمورن ضلعن ۾ قائم ڪنداسين. ملڪ جي هر ضلعي ۾ مفت اسپتالون ٺاهينداسين. هن چيو ته اسان سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ 20 لک پڪا گھر ٺهرائي ڏئي رهيا آهيون. اسان کان اڳ قائد عوام شهيد ذوالفقار ڀٽو به مفت گھر ڏيڻ جو پروگرام ڏنو هو. هاڻي اسين سڄي ملڪ ۾ 30 لک گھر ٺهرائي ڏينداسين. هر ضلعي ۾ گرين انرجي منصوبا آهن. پوئتي پيل علائقن ۾ سولر پينل ۽ 300 يونٽ تائين بجلي مفت ڏينداسين. وسلاءِ حق، وسيلاءِ تعليم جھڙا پروگرام جيڪي مختلف حڪومتن ۾ بند ڪيا ويا، انهن کي وري بحال ڪنداسين. اسين بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام جيان هارين لاءِ به پروگرام آڻينداسين، هارين کي بينظير ڪارڊ ڏينداسين، اهڙي طرح مزدورن لاءِ به بينظير ڪارڊ آڻڻ جو ارادو آهي. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته تعليم مڪمل ڪري روزگار ڳوليندڙ نوجوانن لاءِ يوٿ ڪارڊ ذريعي ناڻي جي مد ۾ مدد ڏينداسين. اسين چاهيون ٿا ته عوام جي قوتِ خريد ۽ آمدني وڌي. هن چيو ته اسين يونين ڪائونسل سطح تي بک ڀڄايو پروگرام شروع ڪنداسين. ڇاڪاڻ جو اسان جي ملڪ جي پوئتي پيل علائقن ۾ بک وڏو مسئلو آهي

اهو مسئلو حل ڪنداسين. پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي ملڪ جي واحد جماعت اهي جيڪا اليڪشن کان پهرين منشور آڻيندي آهي ۽ حڪومت ۾ اچي ان تي عمل به ڪندي آهي. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، محترمه شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي منشور تي عمل ڪيو اهڙي طرح صدر آصف زرداري به پنهنجي حڪومت ۾ اعلان ڪيل منشور تي عمل ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته اسان کي به ليول پليئنگ فيلڊ جي شڪايت آهي، پر اسين اليڪشن ۾ رهنداسين ۽ چونڊون کٽي ملڪ ۾ حڪومت ٺاهينداسين. هن چيو ته اسان کي عوام کي فائدو ڏيڻو آهي ته ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا.  هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته لاهور ۾ پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ مان منهنجو مقابلو ڪير ڪندو؟ پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ وارا چونڊ وڙهڻ چاهين ٿا ته ميدان ۾ اچن اسان سان مقابلو ڪن. ميان صاحب کي سٺو لڳي ته لاڙڪاڻي مان اچي منهنجو مقابلو ڪري. هن چيو ته پنجاب ۾ ن ليگ کي مڙهي پيپلزپارٽي جي رستا روڪ ڪئي پئي وڃي.  اسين پاڻ ۾ وڙهندا رهنداسين ته پاڪستان جا مخالف فائدو وٺي ويندا

هڪ ٻئي سوال تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردن ٻيهر ڪنڌ کنيو آهي، اسان کي پاليسين کي بدلائڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته انشاء الله 8 فيبروري تي ضرور چونڊ ٿيندي. پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ کي چونڊ وڙهڻ ۾ قانوني مسئلا آهن. سپريم ڪورٽ يا ادارن تي حملا ڪندئوته رد عمل ڀوڳڻو پوندو. عدليا جون حالتون ڏسي تجزيو ڪري سگھان ٿو ته ٻئي چونڊن لاءِ اهل ٿيندا يا نااهل ٿيندا. ن ليگ يا پي ٽي آءِ ٻئي اشرافيا جي نمائندگي ڪنديون آهن. ان وقت انهن کي سونهندو هو ته اهي اشرافيا جي نمائندگي ڪن. آئون غريب عوام جي نمائندگي ڪندو آهيان. هن چيو ته عوام هڪ ڀيرو آزمائي ڏسي ڇڏيو آهي ته پي ٽي آءِ ڪجھه نٿي ڪري سگھي. هن چيو ته اسان کي دهشتگردي جي واقعن جي مذمت ڪرڻ گھرجي. محسن داوڙ ۽ مولانا فضل الرحمان تي حملن جي مذمت ڪريون ٿا. 2008 ۾ سڪيورٽي جي صورتحال خراب هئي، پيپلزپارٽي هر صورت ۾ چونڊون وڙهي رهي آهي