بلاول جي مقبوليت پنج پرسنٽ آهي، ھو وزيراعظم نٿو ٿي سگھي: شاهه محمود قريشي

0
172
بلاول جي مقبوليت پنج

سڪرنڊ (ن پ ا) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جي مقبوليت پنج پرسنٽ آهي، جنھن تي ھو وزيراعظم نٿو ٿي سگھي

سڪرنڊ ۾ پي ٽي آءِ سنڌ جي نائب صدر گل محمد رند جي رھائش گاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو آهي ته مختلف پارٽين پاران عدم اعتماد وارو شوشو آهي، عدم اعتماد ڪرڻي آهي ته پوءِ ڪن ڇو نه ٿا  باقي ھنن جي ڪابه  اڪٽريت ناھي

هن چيو ته سنڌ جو ماڻھو تبديلي چاھي ٿو پر سنڌ ۾ صيح نموني ڪم ناھيون ڪري سگھيا، ان لاءِ سنڌ ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ھاڻي سنڌ جي عوام کي تير ٽوڙڻ ۽ سنڌ جوڙڻ جي ضروت آهي، جنهن لاءِ اسان هتي آيا آھيون