بلاول جو بيان ۽ مھانگائي

0
232
بلاول جو بيان ۽ مھانگائي

 ملڪ جي بدقسمتي چئجي يا عوام جي نااھلي جو 76 سالن جي تاريخ ۾ ملڪ ۾ وڏا وڏا سياستدان تھ پيدا ٿيا آھن پر ڪو بھ عوامي حڪمران پيدا ناھي ٿيو، پيدا ٿئي بھ تھ ڪيئن جڏھن مخصوص طبقي جي طرفان ئي پنھنجون نرسريون لڳائي نسل در نسل حڪمراني جا خواب پورا ڪرڻ جي لاءِ سياست ۽ جمھوريت جو نالو ڏنو وڃي ٿو ۽ عوام وٽ انھي ئي نرسري ۾ جنم وٺندڙ سياستدان کانسواءِ ھڪ تھ ٻي ڪا “چوائس” چونڊ نھ ھجي ٿي ، جيڪڏھن ھجي بھ ٿي تھ انھي قيادت جو اقتدار ۾ اچڻ،  وارِيءَ جي ٺھيل محلن جھڙو لڳندو آھي .

                 ذوالفقار علي ڀٽي جي اقتدار جون اخبارون کڻي ڏسو يا وري اسڪندرمرزا جو دور  جي تاريخ پڙھي ڏسو  اوھان کي موجوده دور ۽ انھي سڀني دورن ۾ ھڪ مماثلت ضرور ملندي، اھا تھ ملڪ ۾ مھانگائي جو ڪارڻ صرف پوئين حڪومت ھئي ۽ انھن جون پاليسيون. عمران خان جو دور حڪومت بھ انھن مان ھڪ بدتر ھو يقينن اڄوڪي ڏينھن تي جيڪي ملڪي حالتون آھن انھي ۾ عمران خان ۽ موجوده حڪمران برابر جا شريڪ آھن، مريم نواز ، وزيراعظم شھباز شريف ۽ بلاول ڀٽو مھانگائي توڙي ملڪي خزاني جي ڏيوالي  جو ذميوار ايئن ئي عمران خان کي چون ٿا جيئن عمران خان پنھنجن چئن سالن جي ھر ناڪامي جو جو ذميوار نوازشريف ۽ آصف علي زرداري کي ڏيندو ھو. پيپلزپارٽي جي چيئرمين  بلاول ڀٽو آءِ ايم ايف کي اپيل ڪئي تھ ملڪ جي ٻوڏ ستايل عوام تي مھانگائي جو بار نھ وڌو وڃي، ھڪ خودمختيار اسلامي جمھوريھ پاڪستان جو وزيرخارجھ ٻاھرئين قوتن کي ميڙ منٿ ڪري رھيو آھي !

2021ع۽ 22 جي مالي سال جي بجيٽ جي اچڻ کانپوءِ جيڪو مھانگائي جو طوفان ملڪ ۾ آيو  تنھن ھن وقت تائين بيھڻ جو نالو ناھي ورتو ان وقت جو خزاني جو وزير توڙي حڪومتي سياسي دفاعي تجزيھ نگار ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي جو ڪارڻ عالمي مارڪيٽ ۾ وڌندڙ تيل ۽ ڊالرن جي کوٽ  جو ٻڌائي عوام کي تسلي ڏيئي رھيا ھئا، ان وقت خزاني جي وزير چيو ھو تھ 2023ع ۾ ڊالر جي قيمت کي 200 روپين تائين کڻي وڃڻ جو ٽارگيٽ رکيل آھي جنھن سان ملڪ جي معيشت کي استحڪام ملندو.بدقسمتي سان ڊالر ھن وقت 265 روپين کان وڌي چڪو آھي ۽ پيٽروليم مصنوعات سان گڏوگڏ عام واھپي جي شين ۾ 20 کان 100 سيڪڙو تائين اضافو ٿي چڪو آھي،زندگي بچائڻ وارين دوائن جي قيمتن ۾ سال 2021ع ۾ ئي  پهرين 400 سيڪڙو ته پوءِ وري 260 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو ۽ اھڙي ريت سرڪاري توڙي غير سرڪاري لحاظ کان 2022ع ۾ اھو اضافو جاري رھيو آھي،2023ع جي سال جي شروعات ۾ ئي وري 300 سيڪڙو کان بھ وڌيڪ اضافي جا چوٻول ھلي رھيا آھن.

ياد ڏياريندو ھلان تھ عوام جو درد محسوس ڪندي اڄ کان ٽي سال پھرئين پيپلزپارٽي جي قيادت  آل پارٽيز ڪانفرنس ڪرائي ھئي  جنھن جي نتيجي ۾ 20 سيپٽمبر 2020ع  تي پي ڊي ايم وجود ۾ آئي ھئي تھ ان وقت مڙني اڄوڪن حڪمرانن عمران خان جي معاشي پاليسي تي تنقيد ڪندي چيو هو  تھ جيڪڏھن ھن وقت عمران خان کي اقتدار کان نھ ھٽائينداسين تھ ملڪي حالتون ڪنٽرول کان ٻاھر ٿي وينديون ۽ عوام مھانگائي جي چڪي ۾ پيسجي ويندو!  ڪنھن کي ياد ھجي يا نھ پر آئون ياد ڏياريندو ھلان تھ  پي ڊي ايم جي انھن سڀني جماعتن عمران خان جي خلاف شھر شھر مھانگائي مارچ ڪيا ھئا ۽ ڪنھن بھ ان وقت آءِ ايم ايف کي ميڙ  منٿ نھ ڪئي ھئي.

باقر رضا واري تقرري ۽ پارليامينٽ مان آءِ ايم ايف جي چوڻ تي فنانشل بل تي تقريرون ڪرڻ وارا اڳواڻ اڄ پنھنجي دفاع عين پاڪستاني سياست جي روايتي انداز سان ڪري رھيا آھن ، ھاڻوڪو وزير خارجھ جڏھن اقتدار ۾ نھ ھو تھ اسٽيٽ بينڪ جي گورنر ۽ ملڪ جي معاشي پاليسين کان وٺي پيش ٿيندڙ بجيٽن تي ايوانن ۾ تقرير ڪري چوندو ھو تھ اسين عوام دشمن آءِ ايم ايف جي بجيٽ کي نھ ٿا مڃون ۽ اوھان ملڪ جي اسٽيٽ بينڪ کي آءِ ايم ايف وٽ گروي رکي ڇڏيو آھي، پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو کي ياد ڏياريندا ھلون تھ اڄ اوھان جي ئي حڪومت آھي ۽ اوھان ئي آءِ ايم ايف کي منٿ ڪري رھيا آھيو تھ ملڪ جي مسڪين عوام تي مھانگائي جو وزن نھ رکو.آءِ ايم ايف اوھان جون منٿون نھ ٿي مڃي تھ گھٽ ۾ گھٽ اوھان ھاڻ تسليم ڪريو تھ اوھان بھ آءِ ايم ايف جي ايجنڊا تي ڪم ڪندي  آءِ ايم ايف جو ھر شرط  مڃي آءِ ايم ايف کي راضي ڪرڻ جي لاءِ  عوام جي مٿان 170 ارب روپين جو بار وجھڻ وارا آھيو  ۽ معصوم قوم کي عمران خان جيان انھي عوامي مسئلن جي جڙ 4 سالن جي دور اقتدار ۾ رھندڙ حڪومت کي قرار ڏيئي رھيا آھن. اسان جي قوم بھ نھايت ئي معصوم ۽ ويساري آھي ان ڪري اسان جا سياسي اڳواڻ پنھنجن واعدن توڙي منشورن کي بھ صرف پنھنجي تقريرن جي حد تائين ياد ڪن ٿا پوءِ اھا تقرير تاڙين جي گونج ۾ ختم ٿئي يا وري اقتدار جي ڪرسين تي ويھاري  پر تقريرون ساڳيون رھنديو بس ڪردار ۽ چھرا مٽبا رھبا.

يقينن سياسي  چھرا ۽ سياسي جماعتون ساڳيون آھن بس فرق آھي ڪرسي جو، پيپلزپارٽي جنھن کي عوامي پارٽي طور سڃاتو ويندو ھو سا ھاڻي صرف اقتدار ۽ سياستدانن کي خريد ڪرڻ واري  ملڪ جي وڏي پارٽي بڻجي چڪي آھي.اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي مفاھمت  اقتدار ۾ رھڻ لاءِ ھر شيءَ کي حلال بڻائي ڇڏيو آھي انھي ڪري انھن وٽ عوام ڪنھن آخري ترجيح ۾ تھ ٿي سگھي ٿو باقي روٽي ڪپڙا ۽ مڪان واري پارٽي اقتدار کي حاصل ڪرڻ جو سڀ چالون سکي چڪي آھي جنھن جو تازو مثال سنڌ ۾ ٿيندڙ بلدياتي چونڊون آھن.