بلال ڪاڪا جي قتل ۽ ڌارين جي آبادڪاري خلاف مختلف شھرن ۾ مظاھرا

0
300
بلال ڪاڪا جي قتل ۽ ڌارين

ڪراچي: سنڌ جي مختلف علائقن ۾ بلال ڪاڪا جي قتل ۽ ڌارين جي آبادڪاري خلاف عوامي تحريڪ جي سڏ تي احتجاج، لاڙڪاڻو پوليس طرفان احتجاج ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي وئي

عوامي تحريڪ جا 7 ڪارڪن گرفتاري بعد اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيا ويا، جناح باغ تي احتجاج دوران پوليس خلاف نعريبازي، گرفتار ڪارڪنن کي فوري آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو

سکر، عمرڪوٽ، سوڀو ديرو، وارهه، ڍورو نارو، ڇاڇرو ۽ ٻين علائقن ۾ عوامي تحريڪ جا مظاهرا، بلال ڪاڪا جي قتل ۾ ملوث سمورا جوابدار گرفتار ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ غيرقانوني طور ترسيل ڌارين کي فوري نيڪالي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي