بغاوت جا مقدما ۽ بچي ويل ففٿ جنريشن

0
191
بغاوت جا مقدما ۽ بچي ويل ففٿ جنريشن

 هاڻوڪي دور ۾ هي جيڪي بغاوت جا مقدما ٿي رهيا آهن ۽ وري عدالتن مان انهن جون ضمانتون ٿي رهيون آهن ته مٿان وري معافين تلافين جون وڊيوز به جاري ٿي رهيون آهن ته اسان فلاڻي پارٽي ۾ آهيون پر ادارن خلاف اڻ ڄاڻائي ۾ اسان کان وڊيوز رکجي ويون. انهن سمورن قصن ڪهاڻين کي ڏسندي  ڪنهن دوست چيو اها اٿئي ففٿ جنريشن وار .جيڪا مالڪن پاڻ پيدا ڪئي ۽ پاڻ ئي اچي ڦاٿا آهن. سندس ڳالهه سان ڪنهن حد تائين مون سهمت ٿيندي چيو ان سموري جنريشن جي هاڻوڪي وڏي ڀونچال ۾ بچت انڪري به ٿي وئي جو سندن ڊوميسائيل سٺن علائقن جو هو ۽ مالڪن جي پنهنجي پيدا ڪيل جماعت جا هئا

                 ورنه انهن سان اهڙو حشر ٿئي ها جو شهباز گل ٽن مهينن تائين ظاهر ئي نه هجي ها ۽ جڏهن ظاهر ٿئي ها ته کيس ڏيڍ فوٽ ڏاڙهي رکيل هجي ها ۽ ايندڙ اٺ مهينا ڪنهن سٺي نفسياتي ڊاڪٽر کان علاج ڪرائيندو وتي ها. منهنجي ڳالهه سان ان دوست توڙي جو اختلاف ڪيو پر وري به مون کيس سمجهايو ته معاملو ڪيترو ڳرو هو يعني بلوچستان جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ امدادي ڪاررواين دوران فوجي هيليڪاپٽر جي حادثي واري  واقعي کي انهن چيتن امپورٽيڊ حڪومت ۽ رجيم چينج سان ملائي پئي ٽرينڊ هلايا.

ان دوران ٽوئيٽر تي انهن اهڙيون اهڙيون حرڪتون ڪري پوسٽون رکيون ۽ ٽرينڊ هلايا جن جو  اسان سنڌي ته تصور به نٿا ڪري سگهون ڇو ته اسي واري ڏهاڪي جي ايم آر ڊي آپريشن مان پيدا ٿيل شڪ شبها اسان مٿان اڃان مڪمل لهي نه سگهيا آهن شايد پر شهباز گل جي سموري ٽوئيٽر فيملي کي ايتري کلي ڇوٽ مليل آهي جو جيڪي وڻين جنهن اداري جي خلاف وڻين سي وتن ٽرينڊ هلائيندا ۽ ٽوئيٽ ڪندا. شهباز گل جي موبائيل فون ۾ ايتري ته ڪا ڊيٽا ڳجهي رکيل هئي جو گرفتاري مهل هن اهو فون پنهنجي ڊرائيور کي ڏئي ڇڏيو جنهن فون تان بعد ۾ به پئي ٽوئيٽ ٿيا. شهباز گل جي ان فون سبب ئي سندس ڊرائيور جي زال پڻ گرفتار ٿي ته متان ان وٽ اها فون لڪل هجي. شهباز گل پاڻ کي سڏائيندو ته آمريڪي يونيورسٽي جو استاد آهي پر اڻ گهڙيل جيان سندس وات تي ڪو ڪنٽرول ناهي. اڳ ۾ به هڪ ڀيرو پريس ڪانفرنس دوران هن پنجابي لفظ رنڊوا کي ٽوڙي ڪو ٻيو مطلب ڪڍيو هو پر هن ڀيري هاڻي جڏهن گرفتار ٿيو آهي ته پنهنجي ان بيان سبب گرفتار ٿيو آهي جنهن جي عمران خان ته اڃان مذمت ناهي ڪئي پر عمران جي چونڊيل پنجاب واري وڏي وزير ضرور مذمت ڪئي آهي ۽ اهو به چيو اٿس ته شهباز گل اجائي جک هنئي آهي جنهن تي مون کيس ڇنڊ به پٽي هئي.

هاڻوڪي جنريشن يعني ففٿ جنريشن کي ته شايد خبر هجي الائي نه پر بغاوت جا مقدما صرف شهباز گل خلاف نه ٿيا آهن نه ئي اهو ڪو پهريون دفعو آهي. ان کان اڳ انقلابي شاعر فيض احمد فيض مٿان پڻ بغاوت جو ڪيس داخل ٿيو هو جنهن ۾ کيس ايتري تڪڙي نه ضمانت ملي هئي نه ئي ايترو تڪڙو جيل ڪسٽڊي حوالي ٿيو هو.ان بغاوت جي مقدمي سندس شاعراڻي طبيعت مٿان ايترا ته گهرا اثر ڇڏيا جو سندس شاعري جي لفظن ۾ نئون جذبو اچي ويو.جنهن لکيو هو

وه همين ٿي جن ڪي لباس پر سر راهه سياهي لکي گئي.

يهي داغ ٿي جو سجاڪي هم سر بزم يار چلي گئي.

فيض جي رومانس ۽ انقلاب جي ميلاپ واري شاعري جي ڪشش پنهنجي جڳهه تي پر بغاوت جي ڪيس مان سندس دوستن مدد ڪئي ۽ هو بري ٿي پرڏيهه جلاوطني جي زندگي گذارڻ لڳو.

پر اهڙي خوشنصيبي انهن بلوچن جي حصي ۾ نه اچي سگهي جيڪي بلوچستان مان گرفتار ٿي حيدرآباد جيل پهتا ۽ ڦاهي جي تختي تي چڙهي ويا.انهن جو مٿان به اهڙوئي بغاوت جو الزام هو جنهن کي هاڻوڪي جنريشن يعني ففٿ جنريشن معمولي ڪيس سمجهي ڊيل ڪري رهي آهي ۽ کين پوري پڪ آهي ته شهباز گل ۽ ٻيا سندن ساٿي باعزت بري ٿي ٻاهر اچي ويندا. بغاوت جا ڪيس ته خود سن واري سيد سائين جي ايم سيد مٿان پڻ داخل ٿيا

جنهن عدالتن ۾ بيهي پنهنجو ڪيس وڙهڻ کي ترجيح ڏني پر ججن سندس بيان ئي نه ٻڌو جيڪو هن بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي عام ڪيو.بغاوت جي ڪيسن کي ٽويئٽر ٽرينڊ سمجهي هلندڙ جنريشن کي خبر هجڻ گهرجي ته انهن بغاوت جي ڪيسن ڪيترن ئي سنڌين ۽ بلوچن جا سر وڃائي ڇڏيا آهن پر هي جنريشن يعني ففٿ جنريشن ڪا اهڙي دادلي مخلوق آهي جنهن کي هر حربو معاف ڪيل آهي. انهن ڪيسن جو فيصلو عام طور جيڪي اهم ادارا ڪندا آهن سي شايد انڪري به مٿن هٿ هلڪو رکي رهيا آهن ته اهي اڃان ڪجهه مهينا اڳ ۾ ئي ڀائي ڀائي هئا يعني هڪ پيج تي هئا. نه ته جنهن انداز ۾ صحافي عمران رياض ۽ عماد کي گرفتار ڪيو ويو هو ان مان اهو تاثر پئي مليو ته انهن مٿان ڪيترائي مهينا ڪيس هلندا پر ٻنهي صحافين جي ڪيسن کي ڪيترو نه عام انداز ۾ اڪلايو ويو. جيڪڏهن انهن صحافين خلاف ادارن خلاف نفرت انگيز مواد ڦهلائڻ وارا الزام درست نه هئا ته پهريان ته انهن کي گرفتار ئي نه ڪرڻ گهرجي ها پر جيڪڏهن انهن مٿان اهڙا سنگين الزام هئا ته ڪجهه وقت جاچ ته ڪريو ها. ايتري ياري دوستي ته سنڌ پوليس ۾ به نه نڀائي ويندي آهي.

هاڻي به جن ماڻهن کي خطرو آهي ته ڪو فلاڻي اڳواڻ تي پابندي هڻندا يا فلاڻن مٿان بغاوت جا ڪيس هلندا ته انهن کي گذارش آهي ته هن ملڪ جا مالڪ ايترا به سادا ناهن جو پنهنجي پيدا ڪيل خلق يعني ففٿ جنريشن وار مٿان ايتري سختي ڪن جيڪا هو برداشت به نه ڪري سگهندا ڇو ته هي ماضي جي نطرياتي ڪارڪنن جهڙا سياسي ڪارڪن ته ناهن جيڪي سرعام چوڪن چوراهن اسٽيڊيمن تي ڪوڙا کائيندا هئا ۽ جمهوريت جا نعرا هڻندا هئا.

هي ته هڪڙو ٽوئيٽ ڪري وري معافي واري وڊيو پيا جاري ڪن ته ڀائي غلطي ٿي وئي.جيڪا به سٺي ڳالهه آهي پر انهن مٿان ايتري سختي ڪونه ٿيندي جيتري سختي جي ڪي ماڻهو توقع پيا ڪن ڇو ته اهي اڳي پوءِ پنهنجا ماڻهو آهن ۽ پنهنجن ماڻهن سان رساما ڪاوڙ پرچائڻ پيا هلندا آهن. اهي خوشنصيب آهن جو بغاوت جي ڪيسن مان به ايئن پيا بري ٿين جيئن ٻڪري چوري ڪيس مان ماڻهو بري ٿيندا آهن.

اهي شڪر ڪن ته انهن جو ڊوميسائيل سٺن بااعتماد شهرن جو ٺهيل آهي نه ته اهي به ايئن سرڙجي وڃن ها جو ڪنهن کي ڪا خبر ئي نه پوي ها. سڀني ڳالهين کان هٽي سياست ڪرڻ جو سڀني کي حق ضرور آهي پر ان ۾ به هڪ حد مقرر ضرور آهي جيڪا ڪنهن کي به نه اورانگهڻ گهرجي. ڪنهن به سياسي پارٽي جي ڪنهن به اڳواڻ کي اهو نٿو سونهين ته هيليڪاپٽر حادثي بابت پنهنجا انومان ، انديشا ۽ خدشا اهڙي طرح بيان ڪري ان کي پنهنجي سياسي بيانيي يعني امپورٽيڊ حڪومت ۽  رجيم چينج سان ملائي پيش ڪري.اهو به خيال نه ڪري ته اهڙي طرح جا ٽرينڊ هلائڻ سان ڪيترن ماڻهن کي هو رنجائي رهيا آهن.