ڪراچي/ اسلام آباد :  سنڌ مان تازو نوازليگ ۾ شامل ٿيل ايف آ ءِ اي جي  اڳوڻي ڊي جي  بشير ميمڻ کي نوازليگ  سنڌ جي صدارت ڏئي  شاھ محمد شاھ کي صدارت تان ھٽائي مرڪزي  نائب صدر طور مقرر ڪيو ويو. بشير ميمڻ  نواز ليگ ۾ باضابطا طور 29 سيپٽمبر تي جاري ڪيل ھڪ نوٽيفڪيشن بعد سرگرم ڏٺو ويو ـ کيس ميان نواز شريف جي وطن واپسي وقت آجيان لاء ڪاميٽي جو ڪنوينر مقرر ڪيو ويو ھو، ٻئي طرف  نواز ليگ  پاران 33 رڪني منشور ڪاميٽي جو اعلان ڪيو ويو، احسن اقبال پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چئني صوبن، آزاد جمون ڪشمير، گلگلت بلتستان ۽ اقليتن کي نمائندگي ڏني وئي آهي. ڪاميٽي جو چيئرمين سينيٽر عرفان صديقي کي مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته احسن اقبال، پرويز رشيد، سعد رفيق، سينيٽر اعظم نذير تارڙ، خرم دستگير، رانا احسان افضل، رائو اجمل، رياض الحق، سينيٽر مصديق ملڪ، بيريسٽر ظفر الله، ڊاڪٽر طارق فضل، پير صابر شاهه، اختيار ولي، کيئل داس ڪوهستاني، بشير ميمڻ، راحيلا دراني، عظميٰ بخاري، ناصر محمود، ڪامران مائيڪل، سينيٽر نذهت صادق، رانا مشهود احمد خان شامل آهن. گلگت بلتستان مان حافظ حفيظ الرحمان، آزاد جمون و ڪشمير مان شاهه علام قادر به ڪاميٽي ۾ ميمبر طور شامل آهي. سينيٽر ڊاڪٽر افنان الله خان، بيرسيٽر امجد ملڪ، سلميٰ بٽ، ، راحيلا خادم حسين، رانا سڪندر حيات، مريم اونگزيب، بلال اظهر ڪياني، علي پرويز ملڪ ۽ شزا فاطمه خواجه به ڪاميٽيءَ ۾ شامل آهن