ملير (رپورٽ: ناز شر) ملير ۾ يارهين ڪلاس جي شاگردياڻيءَ سان اجتماعي لڄالٽ واري معاملي جو ڊراپ سين، عدالت ۾ هڪ جوابدار بي ڏوهي ثابت، ٻين جوابدارن سان بشريٰ راڄپر جي وارثن ٺاهه ڪندي معاف ڪري ڇڏيو، خبر موجب ملير ۾ يارهين ڪلاس جي شاگردياڻي 17 ورهين جي بشريٰ راڄپر سان مبينا طور اجتماعي زيادتي واري معاملي جو ڊراپ سين ٿي ويو، اسٽيل ٽائون جاچ پوليس پاران دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪيس جو چالان جمع ڪرايو ويو، جنهن تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران اعتراض واريندي ڪيس مان دهشتگردي جا قلم ختم ڪندي ڪيس کي جڊيشل مئجسٽريٽ ملير جي عدالت ۾ هلائڻ جو حڪم جاري ڪيو. جوڊيشل مئجسٽريٽ ملير 6 جي عدالت ڪيس جي پنجن جوابدارن مان هڪ جوابدار عادل عثمان کي بي ڏوهي قرار ڏيندي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته مبينا طور تي اجتماعي زيادتي جو شڪار شاگردياڻي بشريٰ راڄپر پنهنجي وارثن سان گڏ جوڊيشل مئجسٽريٽ 6 جي عدالت ۾ پيش ٿي، عدالت آڏو پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائيندي ڪيس ۾ ڄاڻايل باقي پنجن جوابدارن کي خدا جي رضا خاطر معاف ڪرڻ جو قسم نامو جمع ڪرايو، جنهن بعد هاڻ ڪيس لاڳاپيل عدالت ۾ هلندو، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي شاگردياڻي جي پيءُ سليمان راڄپر ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن پاران قرآن پاڪ کڻي منٿ ميڙ تي کين معاف ڪيو آھي. ٻئي طرف علائقي ۾ اهي پڻ چوٻول آهن ته بشريٰ راڄپر جي وارثن ۽ جوابدار ڌُر ۾ پئسن عيوض ٺاهه ٿيو آهي. ياد رهي ته 9 فيبروري تي گلشن حديد جي گرلز ڪاليج جي دروازي تان ڪاليج کان واپسي بعد مبينا طور تي بشريٰ رڄپر گم ٿي وئي هئي، جنهن جي اغوا جو ڪيس 11 فيبروري تي سندس پيءُ جي مدعيت ۾ پنجن جوابدارن سمير، سميع، منير ڀٽو، فواد ۽ عادل خلاف اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويو هو.