خيرپور (رپورٽر) 3 ڏينهن اڳ جي ليڊي ولنگٽن اسپتال خيرپور ۾ ڊاڪٽرن ۽ عملي جي مبينا غفلت سبب ويم دوران ٻارڙي سميت فوت ٿي ويل عورت مسمات نورجهان زال فدا حسين رند جي وارثن محرم علي رند، فدا حسين رند، عبدالحق، غلام حسين ۽ عبدالغفور رند پاران احتجاجي مظاهرو ڪري الزام هنيو ته بااثر جي چوڻ تي سول اسپتال جي ايم ايس پاران قائم ڪيل ٽي رڪني جاچ ڪاميٽي واقعي بابت ڪابه انڪوائري نه آهي، ھنن چيو ته انڪوائري ٽيم جوڙڻ باوجود 3 ڏينهن گذري چڪا آهن پر ٽيم ڪک ڀڃي به ٻيڻو ناهي ڪيو، جنهن ڪري اسان کي خدشو آهي ته معاملي کي لئي مٽ ڪيو ويندو، هنن چيو ته ڊاڪٽرياڻين ٻه قتل ڪيا آھن، اسان کين ڪڏهن به معاف نه ڪنداسين. هنن مطالبو ڪيو ته واقعي جي جڊيشل انڪوائري ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.