بشريٰ بي بي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي

0
146
بشريٰ بي بي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي
بشريٰ بي بي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي

پي ٽي آءِ چيئرمين جي گهر واري بشريٰ  بي بي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي

 چيئرمين پي ٽي آءِ سان علحدگي ۾ ملاقات جي درخواست ڪنهن ٻي بينچ آڏو مقرر ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي

بشريٰ بي بي جي وڪيل درخواست ۾ چيو ته اسان جا جيترا به ڪيس توهان آڏو مقرر ٿيا انهن مان هڪڙي ئي قسم جا فيصلا اچي رهيا آهن، استدعا آهي ته اسان جا هن بينچ ۾ سمورا ڪيس ڪنهن ٻي بينچ آڏو مقرر ڪيا وڃن
چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته توهان بلڪل نامناسب ڳالهه ڪري رهيا آهيو، ائين نه ڪيو، ٺيڪ آهي ان کي پوءِ ڏسي ٿا وٺون، عدالت بشريٰ بي بي جي بينچ تبديل ڪرڻ واري درخواست تي بار ڪائونسلز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا