اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي ۽ پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا ونگ جي سربراهه ارسلان خالد جي آڊيو ليڪ جي جاچ لاءِ داخل درخوست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي، وقتي چيف جسٽس عامر فاروق سومرو 18 جولاءِ تي ٻڌڻي ڪندو، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته ايف آءِ اي سائبر ونگ آڊيو ليڪ جي فرانزڪ جاچ ڪري، بشريٰ بي بي ۽ ارسلان خالد کي عدالت ۾ گهرائي آڊيو بابت پڇا ڪئي وڃي جيڪڏهن آڊيو درست ثابت ٿئي ته انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، درخواست ۾ گهرو وزارت، اطلاعات وزارت، پيمرا چيئرمين، پي آءِ ڊي، ايف آءِ اي، انٽيلجنس بيورو، اسٽيٽ بينڪ کي به ڌر بڻايو ويو آهي.