پشاور (م ڊ) بشام ۾ چيني انجنيئرن تي حملي بابت خيبر پختونخواهه پوليس ٻي رپورٽ وفاق کي موڪلي ڇڏي آهي. ڪي پي پوليس جي رپورٽ موجب شروعاتي جاچ جي بنياد تي ظاهري طور لڳي ٿو ته چيني شهرين کي کڻي ويندڙ گاڏي بلٽ پروف ۽ بم پروف نه هئي، جڏهن ته مارجي ويل چيني شهرين ۾ هڪ عورت انجنيئر به شامل آهي. رپورٽ موجب واقعي واري هنڌان فضائي تصوير به حاصل ڪئي وئي آهي ۽ بشام ٿاڻو تقريبن 6 ڪلو ميٽر، جڏهن ته داسو ڊيم 77 ڪلو ميٽر واقعي واري هنڌ کان پري آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته تباهه ٿيندڙ بس ٻي بس کان 15 فوٽ فاصلي تي هئي ۽ آپگهاتي ڌماڪي سان بس 300 فوٽ اونهائي ۾ وڃي ڪري. رپورٽ موجب چيني قافلي ۾ شامل سڀني بسن ۾ سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳل هيون، آپگهاتي بمبار جي استعمال هيٺ گاڏي جا ٽڪرا حاصل ڪيا ويا آهن.