ماتلي (ن پ ا) ماتلي ۾ برصغير جي پهرين سنڌي فلم ” ايڪتا ”  جي هيرو , ڊائريڪٽر،  ” ڪيئي ڪتاب ” جي مصنف ۽ باباءِ ثقافت رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جي 41 هين ورسي سادگي سان ملهائي وئي، ورسي  جي موقعي سندس فرزند هاشم رضا نظاماڻي، جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ سورهيه سنڌي، شهري ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ علي رضا سوڍو ۽ شهرين مرحوم رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جي مزار تي پهچي دعا گهري، ان موقعي ميڊيا سان  ڳالهائيندي سورهيه سنڌي، علي رضا سوڍو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته رئيس ڪريم بخش نظاماڻي تاريخ جو وڏو ڪردار هو، هن برصغير جي پهرين سنڌي فلم  “ايڪتا “ٺاهي هئي جنهن ۾ هو هيرو ۽ ڊائريڪٽر پڻ هو، هنن وڌيڪ چيو ته سندس ماتلي واري ماءَ نيسٽ واري بنگلي تي سدائين ملڪ جي نالي وارن فنڪارن جا ميلا متل هوندا هئا، هو راڳ جو وڏو ڄاڻو هو، هن پنهنجي آتم ڪٿا سندس لکيل ڪتاب ”  ڪيئي ڪتاب ” ۾ سمائي زندگي جي ڪيل ڪارگذارين کي جيئن جو تيئن پيش ڪيو آهي، اڄ سندس ورسي جي موقعي تي کيس خراج تحسين پيش ڪيون ٿا.