برمنگهم (اسپورٽس نيوز) برمنگهم ٽيسٽ ۾ انگلينڊ ڀارت طرفان مليل 378 رنز جو هدف 3 وڪيٽن جي نقصان تي آسانيءَ سان حاصل ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي. ان سلسلي ۾ ٽيسٽ ميچ جي پنجين ۽ آخري ڏينهن انگلينڊ 259 رنز تان 3 وڪيٽن جي نقصان تي پنهنجي نامڪمل اننگ جي شروعات ڪئي ۽ هدف آسانيءَ سان حاصل ڪري ورتو. جو روٽ 142 ۽ جوني بيرسٽو 114 رنز جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي ڀارت کان ميچ کسي ورتي. جوني بيرسٽو کي پليئر آف دي ميچ ۽ جو روٽ کي پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو. ان کان اڳ انگلينڊ ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. ڀارتي ٽيم پهرين اننگ ۾ 416 رنز ٺاهيون، رشب پنت 146 ۽ روندرا جديجا 104 رنز ٺاهي نمايان رهيا. انگلينڊ طرفان جيمز اينڊرسن 5 وڪيٽون ورتيون. انگلينڊ پهرين اننگ ۾ 284 رنز تي آئوٽ ٿي وئي، جوني بيرسٽو 106 رنز ٺاهي نمايان رهيو. ڀارت طرفان محمد سراج 4 ۽ جسپريت بمراه 3 وڪيٽون ورتيون. ڀارتي ٽيم ٻي اننگ ۾ 245 رنز تي آئوٽ ٿي وئي، انگلينڊ کي 378 رنز جو هدف ڏنو. ڀارت طرفان پجارا 66 رنز ٺاهي نمايان رهيو. بين اسٽوڪس 4 وڪيٽون ورتيون. اهڙي طرح 5 ميچن تي ٻڌل ٽيسٽ سيريز 2-2 تان برابر ٿي وئي.