برطرف 16 هزار ملازمن جي بحالي وارو فيصلو: سوشل ميڊيا تي به خوشي جو اظهار

0
209
برطرف 16 هزار ملازمن جي بحالي وارو فيصلو: سوشل ميڊيا تي به خوشي جو اظهار

   سپريم ڪورٽ پاران 16 هزار برطرف ملازمن کي بحال ڪرڻ جو فيصلو ڏيڻ بعد ملازمن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي، سوشل ميڊيا تي به سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي خوشي جو اظهار ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ محمد عمر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سپريم ڪورٽ لاٿل 16 هزار ملازمن کي بحال ڪري ڇڏيو، اهو هڪ سٺو فيصلو آهي. وقار شر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سپريم ڪورٽ 16 هزار برطرف ملازمن جون نظرثاني اپيلون خارج ڪري ڇڏيون، بلاول لاکو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سپريم ڪورٽ سوموٽو اختيار تحت ملازمن کي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو، گريڊ 7 کان مٿي وارن ملازمن کي امتحان ڏيڻو پوندو.

سرفراز ساريو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سپريم ڪورٽ 16 ھزار ملازمن کي بحال ڪري انصاف کي قائم رکيو آهي، بحال ٿيندڙ ملازمن کي مبارڪون ڏيون ٿا، ايڊووڪيٽ ساجد مهيسر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سپريم ڪورٽ جي تاريخ جو بھترين فيصلو،  16 ھزار کان وڌيڪ خاندانن کي بچائي ورتو. مير مري، قادر ڀٽو، غلام سرور ناريجو، ماجد مهيسر به فيصلي جي آجيان ڪئي. عبدالقدير ميمڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته 16 هزار ملازمن کي مبارڪون، سپريم ڪورٽ برطرفين خلاف نظرثاني اپيلون خارج ڪندي ملازمن کي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جنهن تي فرحان آصف لکيو ته زبردست فيصلو، عبدالرشيد مهر به مبارڪون ڏنيون. ذوالفقار سولنگي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سپريم ڪورٽ 16 ھزار ملازمن کي بحال ڪري ڇڏيو، ھڪ کان 7 گريڊ جا ملازم بحال ٿي ويا ۽ مٿيان گريڊ وارا ٽيسٽ ڏئي جوائن ڪندا، سڀني کي مبارڪون، رب سڀني جي رزق ۾ برڪت عطا ڪري. جنهن تي عالمگير سولنگي لکيو ته وفاقي حڪومت اها تجويز عدالت ۾ پيش ڪئي جنهن کي سلام آهي، جنهن تي ذوالفقار سولنگي لکيو ته سمورو وڪيلن جو پينل پ پ جو هو، سئي گيس، اسٽيٽ لائيف، نيشنل هاءِ وي، او جي ڊي سي ايل ۽ ٻين ادارن جا ملازم بحال ٿيندا.

مختيار عباسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته  سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪم تحت انساني همدردي جي بنياد تي حڪومت طرفان برطرف ڪيل 16 هزار کان وڌيڪ ملازم بحال ٿي ويا، جسٽس گريڊ هڪ کان ستين تائين سمورن ملازمن کي بحال سمجهيو وڃي، اٺين گريڊ کان سترهين گريڊ جي ملازمن کي ٽيسٽ ڏيڻي پوندي، جنهن تي پنهل ڀنڊ لکيو ته اسٽيل ملز جي ملازمن کي به جبري برطرف ڪيو ويو آهي انهن کي به بحال ڪيو وڃي، فقير ايم ڊي سهتو لکيو ته عدل جو فيصلو زندگي سڄي جي عبادت کان اتم آهي، احسان ميمڻ، خليل جوڻيجو، رستم خاصخيلي،اڪرم ڪنڀر، سنتوش ڪمار، علي رضا ۽ ٻين پڻ مبارڪون ڏنيون ۽ خوشي جو اظهار ڪيو.