اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ، برطانوي هاءِ ڪمشنر کي خط لکڻ وارو معاملو. اوريا مقبول جان چيف جسٽس پاڪستان جي خلاف سپريم جوڊيشل ڪونسل سان رابطو ڪري ورتو. سپريم جوڊيشل ڪائونسل کان درخواستگذار استدعا ڪئي آهي ته چيف جسٽس جي خلاف مس ڪنڊڪٽ جي ڪاروائي ڪئي وڃي. شڪايت ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان پاران 3 مئي تي برطانوي هاءِ ڪميشن کي لکيل خط جو حوالو ڏيندي موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان پاران لکيل خط ججز جي ضابطه اخلاق جي خلاف آهي. خط لکي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وزارت خارجه جي دائري اختيار ۾ مداخلت ڪئي. خط لکي چيف جسٽس آف پاڪستان پنهنجي حلف جي به خلاف ورزي ڪئي آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان جي خط لکڻ سان شهرت جي لالچ جو عنصر ظاهر ٿئي ٿو جيڪو اُن جي ضابطه اخلاق جي خلاف ورزي آهي. چيف جسٽس جي خط سبب پاڪستان جا برطانيه سان تعلقات خراب ٿيڻ جو خدشو آهي.