لنڊن (م ڊ) برطانيا فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس کي دهشتگرد قرار ڏئي ڇڏيو. برطانيا جي گهرو زوير پريتي پٽيل حماس کي دهشتگرد قرار ڏيندي ان تي پابندي لاڳو ڪئي آهي. هن چيو ته حماس وٽ واضح دهشتگردي جي صلاحيت آهي، جڏهن ته حماس وٽ جديد هٿيار ۽ دهشتگردي جي تربيت جون به سهولتون آهن. برطانوي گهرو وزير طرفان پابندي جي اعلان سان گڏ چيو ته حڪومت تمام جلد پارليامينٽ سان رابطو ڪندي. اهڙي پابندي کانپوءِ ڪو به برطانوي شهري ان جي حمايت نه ڪري سگهندو جڏهن ته جهنڊي ۽ ٻين نشانين تي به پابندي هوندي. واضح رهي ته انکان اڳ آمريڪا ۽ يورپي يونين به حماس تي پابندي لاڳو ڪري چڪا آهن.