برطانوي وزيراعظم بورس جانسن ٽين شادي ڪندو

0
614

برطانوي وزيراعظم بورس جانسن جي شادي جي تاريخي طئھ ٿي وئي، برطانوي ميڊيا موجب بورس جانسن جي شادي انھيءَ جي مڱيندي ڪيري سائمنڊ سان جولاءِ 2022ع ۾ طئھ ٿي آھي، ٻنھي جي مڱڻي 2019ع ۾ ٿي ھئي، جڏھن تھ ڪورونا وائرس جي وبا جي وجھ سان شادي ۾ دير ٿي ھئي، برطانوي ميڊيا جي رپورٽ موجب ٻنھي جي مائٽن ۽ دوستن کي دعوت نامو بھ اماڻو ويو آھي، رپورٽ موجب 56 سالن جي بورس جانس جي اھا ٽين آھي، جڏھن تھ 33 سالن جي ڪيري سائمنڊ جي اھا پھرين شادي ھوندي.