ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران  امدادي سرگرميون جاري آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 68900 خاندانن کي راشن بيگز  فراهم ڪيا ويا آهن، هن وقت تائين مجموعي طورتي 1144801 خاندانن ۾ راشن بيگس ورهايا ويا آهن، جاري ڪيل بيان ۾ ھن چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ متاثرن کي 8228 خيما، 26741 ترپال، 8500 مڇردانيون ۽ 4000 سولر لائٽون پڻ ڏنيون ويون آهن، جڏهن ته  هن وقت تائين متاثرن کي مجموعي طور تي 379131 خيما، 404684 ترپال ، 2760237 مڇردانيون، 782388 لٽر منرل واٽر، 62837 جيري ڪين، 14005 بيڊ شيٽس، 7000 فرسٽ ايڊ ڪٽس، 96469 سليپنگ ميٽس ( چٽايون)، 52266 ڪچن سيٽس ۽ ٻيو سامان مهيا ڪيو ويو آهي. هن چيو ته برساتن جي تباهه ڪارين سبب 759 قيمتي جانيون ضايع ٿيون، جڏهن ته 8422 ماڻهو زخمي ٿيا آهن، ھن چيو ته  برساتن دوران 434238 جانور مري چڪا آهن. صوبائي وزير چيو ته ڪراچي ڊويزن جي ڪيمپن ۾ 16128، حيدرآباد ڊويزن ۾ 80122 ، سکر ڊويزن ۾ 50624، شهيد بينظير آباد ۾ 56164، لاڙڪاڻي ڊويزن ۾135945 ۽ ميرپورخاص ڊويزن ۾ 20097 متاثر ترسيل آهن، هن چيو ته ٻوڏ متاثرن جي گهرن ڏانهن واپسي جو سلسلو جاري آهي، ضلعي انتظاميا پاران کين ٽرانسپورٽ ۽ راشن فراهم ڪيو پيو وڃي.