برسات حڪمرانن جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا: روڊ رستا ٻڏل، گپ: پ پ اميدوارن جون گاڏيون به ڦاسي پيون

0
48
برسات حڪمرانن جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا: روڊ رستا ٻڏل، گپ: پ پ اميدوارن جون گاڏيون به ڦاسي پيون
برسات حڪمرانن جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا: روڊ رستا ٻڏل، گپ: پ پ اميدوارن جون گاڏيون به ڦاسي پيون

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ٻن ڏينهن جي وسڪارن حڪمرانن ۽ مقامي انتظاميا جي ڪارڪردگي کي وائکو ڪري ڇڏيو، مختلف شهرن ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب شهري پريشان رهيا، ڪراچي جي مُکيه روڊن تان پاڻي نيڪال ٿيو

پر پاڙن ۽ گهٽين ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل رهيو، ايئرپورٽ، فيڊرل بي ايريا، لياري، گرين سٽي، عمر ماروي ڳوٺ ۽ ٻين علائقن ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، سنڌ اسمبلي، آرٽس ڪائونسل ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ آڏو پاڻي جمع ٿي ويو، گذريل رات جي برسات جي ڪري معمول جي زندگي متاثر ٿي، ڪيترائي ماڻهو پاڻي ۾ ڦاٿل رهيا، گاڏيون بيهجي ويون، ڪيترائي ماڻهو موٽرسائيڪلون ۽ گاڏيون خراب ٿيڻ ڪري روڊن تي ئي ڇڏي پنڌ گهر روانا ٿي ويا، شاهراهه فيصل به ٻڏل رهيو

حيدرآباد ۾ وسڪارن انتظاميا جي پت وائکي ڪري ڇڏي، قاسم آباد، شيدي ڳوٺ، حيدر چوڪ، پٺاڻ ڪالوني ۽ هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيٺل رهيو، شهري اچ وڃ لاءِ پريشان رهيا، جڏهن ته دادو، قمبر ۽ سانگهڙ ۾ مُک رستن تي برساتي پاڻي بيهجي ويو، لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي وارن وعلائقن ۾  وقفي وقفي سان پيل برسات کان پوءِ ميونسپل ڪارپوريشن جي نااهلي سبب شهر جي مختلف علائقن ڀينس ڪالوني، بينظير ڪالوني ،ايوب ڪالوني، مراد واهڻ، سهيل ڪالوني، مڇي مارڪيٽ ريشم بازار اسٽيشن روڊ، ميروخان چوڪ  امپائر روڊ، جيلس بازار، سڪي پل  روڊ سميت ٻين  علائقن ۾ برساتي پاڻي  نيڪال نه ٿي سگهيو، ميئر انور علي لهر رابطي ڪرڻ ٻڌايو ته شهر جي اڪثر علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي ڇڏيو آهي

جڏهن ته برسات واري صورتحال ۾ بلدياتي نمائندا ۽ انتظاميا غائب رهي، وسڪارن بعد بجلي غائب ۽ مواصلاتي نظام ڊانواڊول ٿي ويو هوڏانهن جوهي ۾ پ پ جي ايم اين اي ۽ ايم پي اي جي اميدوارن جون گاڏيون به گپ ۾ ڦاسي پيون، چونڊ مهم تي نڪتل گرانڊ ڪروز ڊبل ڪئبن گاڏيون گپ ۾ ڦاسي پوڻ بعد ماڻهن کان ڌڪا ڏياري گاڏيون ڪڍيون ويون، اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، اڳوڻن حڪمرانن مٿان تنقيد ڪئي وئي