برسات جي نقصان کان بچائڻ جي تياري آهي ؟

0
289
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري آهي جنهن ڪٿي ماحول کي مهڪايو آهي ته ڪٿي نقصان به ڏنو آهي، ڪٿي فصلن کي نقصان پهتو آهي ته ڪجهه علائقا وري ان کي فصلن لاءِ فائديمند قرار ڏئي رهيا آهن، خاص ڪري ڪاڇو ،ڪوهستان ۽ ٿر وارا علائقا انهي برسات مان خوش آهن.هي ته اڃان هلڪي برسات ٿي آهي پر 30 سيپٽمبر کان وڏي برسات جون اڳڪٿيون آهن جيڪي 3 آڪٽوبر تائين جاري رهنديون.موسميات کاتي اهڙي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته انهي برسات سان گڏ سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ تيز هوائن جو به امڪان ڏيکاريو پيو وڃي جيڪي هوائون ڪالهه کان ئي خاص ڪري لاڙ پٽ ۾ شروع ٿي چڪيون آهن جيڪي پڻ برسات سان گڏ نقصان جو سبب بڻجنديون آهن جڏهن ته مهاڻن کي انهن ڏينهن ۾ سمنڊ کان پري رهڻ جي هدايت به جاري ڪئي وئي آهي .

اسان وٽ سدائين ٿيندو اهو آهي ته جڏهن نقصان ٿي ويندو آهي پوءِ ريسڪيو يا بحالي جا ڪم ڪيا ويندا آهن پر اڳوٽ اطلاع باوجود ڪي به اهڙيون ڪوششون نه ڪيون وينديون آهن جنهن سان نقصان ٿيڻ کان بچي سگهجي. ماضي جا ڪيئي مثال انهي جا شاهد آهن. هاڻي به هي طوفاني برساتون ٻهراڙين سان گڏ شهرن ۾ به وڏو نقصان ڪري سگهن ٿيون. جڏهن ٻهراڙين ۾ طوفان ۽ برسات اچي ٿي ته اتي فصل ۽ جهوپڙيون ڊهن ٿيون جڏهن ته شهرن ۾ وري برساتي ٻوڏ اچي ٿي. ٻهراڙي ۾ ماڻهو گهرن کان دربدر ٿين ٿا ته شهرن ۾ وري ماڻهو گهرن ۾ قيد ٿي وڃن ٿا. سامونڊي ڪنارن سان خاص ڪري سمنڊ ۾ مڇي ماري گذران ڪندڙ مهاڻا انهي طوفانن ۽ برساتن جو وڌ کان وڌ شڪار ٿين ٿا هڪ ته روز مڇي ماري گذران ڪندڙن جو اهو گذر جو وسيلو ڪجهه ڏينهن  بند ٿي وڃي ٿو ته وري ڪچيون جهوپڙيون تيز هوا ۾ اڏامڻ سبب سندن ڇت جو سهارو به کسجي ٿو وڃي ۽ اهي بک ۾ کليل آسمان هيٺ ويهي گذارڻ تي مجبور ٿين ٿا. هن برسات جي اڳڪٿي ۾ به انهن سامونڊي ڪنارن تي رهندڙ ماڻهن لاءِ سڀ کان وڌيڪ خطرو ڏيکاريو ويو آهي.پر ڇا سامونڊي ڪنارن وارن ضلعن جي انتظاميا يا سنڌ حڪومت انهن ضلعن جي ماڻهن کي نقصان کان بچاءُ لاءِ هينئر کان ڪي انتظام ڪيا آهن يا رڳو موسميات کاتي جي اڳڪٿي بابت آگاهي کي ئي پنهنجو فرض سمجهي سمهي رهي آهي.؟ ڇا شهرن ۾ جتي ڊرينيج جا مسئلا جيڪي برسات ۾ ٻوڏ آڻي ڇڏيندا آهن انهي نيڪال سسٽم کي بهتر ڪيو ويو آهي يا ٻوڏ ٿيڻ کانپوءِ پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڪوششون ڪيون وينديون.؟ هي اهڙا مسئلا آهن جن کي اڳوٽ حل ڪري نقصان کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جون ڪوششون ڪري سگهجن ٿيون باقي جيڪڏهن تيز برسات ۾ ڪي فصل متاثر ٿين ٿا ته انهن جو ازالو ته بعد ۾ ئي انهن زرعي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن کي رليف ڏئي ڪري سگهجي ٿو.

اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن حڪومت هن وقت کان ئي انتظاميا کي متحرڪ ڪري ته برساتن کانپوءِ ماڻهن کي ريسڪيو ۽ انهن جي بحالي لاءِ شايد ضروت ئي نه پوي جيڪڏهن حڪومت هاڻي کان ئي حفاظتي قدم کڻي ته ماڻهو نقصان کان بچي سگهن ٿا ته حڪومت پاڻ کي عوام جي تنقيد کان بچائي سگهي ٿي ۽ پوءِ ٿيندڙ خرچن کان به بچي سگهجي ٿو. تنهن ڪري سنڌ حڪومت موسميات کاتي جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکي خطري وارن ضلعن جي انتظاميا کي اڄ کان ئي تحرڪ ۾ آڻي جو ايمرجنسي جي ضرورت ئي نه پوي.