ڪراچي (م ڊ) پاڪستان ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ کانپوءِ سنڌ ۾ 100 ڪلوميٽر ويڪري ڍنڍ وجود ۾ اچي وئي آهي. پاڪستان ۾ طوفاني برساتن ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ 100 ڪلوميٽر ويڪري ڍنڍ ٺهي وئي آهي. آمريڪا جي خلائي جاچ اداري ناسا پاران سنڌ ۾ ڍنڍ جون تصويرون خلا مان ورتيون ويون آهن. اهي تصويرون سندن ويب سائيٽ تي جاري ڪيون ويون آهن جن ۾ ڍنڍ کا واضح طور تي ڏسي سگهجي ٿو. رپورٽ موجب سيٽلائيٽ مان ورتل تصوير ۾ نيرو رنگ ڍنڍ جي نشاندهي ڪري رهيو آهي جڏهن ته سيٽلائيٽ تصويرن ۾ سنڌ جو وڏو حصو ٻوڏ جي پاڻي هيٺ نظر اچي رهيو آهي.