سائو پالو(انٽريسٽنگ نيوز) برازيل جي جوڙي ننڍي قد واري پرڻيل جوڙي جو اعزاز ماڻي ورتو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب برازيل جي شهر سائو پالو ۾ رهندڙ 28 ورهين جي ڪاٽيو سيا لي هوشينو جو قد 91.13 ۽ پائولو گيبريل  ڊا سلوا باروس جو قد 90.28 ۽ سينٽي ميٽر ميٽر رڪارڊ ڪيو ويو، جوڙي جي قد جي گڏيل اوچائي 5 فوٽ 9 انچ رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن بعد کين دنيا ۾ سڀ کان ننڍي قد جي جوڙي هجڻ جو اعزاز ڏنو ويو ۽ سندن نالا گنيز بڪ آف دي ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل ڪيا ويا. واضح رهي ته پائولو گيبر  ڊي سلوا باروس ۽ ڪاٽيو سيا لي شادي کان اڳ  15 سال گڏ زندگي گذاري جنهن بعد ٻنهي شادي جو فيصلو ڪيو، جوڙو پهريون ڀيرو 2006 ۾ مليو هو.