بدين(رپورٽر) ڳوٺ حسين بخش ڀرڳڙي جي رھواسي زميندار علي بخش ڀرڳڙي بااثرن جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو، ان موقعي تي ڳوٺاڻي زميندار علي بخش چيو ته 17ايڪڙ زمين ديھه ٻوکي ۾ آهي، جنهن جو واٽر ڪورس مخالفن  محمد جوکيو، عبدالواحد جوکيو، ابراهيم جوکيو ۽ ٻين بلاجواز هڪ مهيني کان بند ڪري ڇڏيو آهي،پاڻي نه اچڻ ڪري  لکين رپين جو بيٺل سارين جو ٻيجارو توڙي ٻيو فصل سڪي تباهه ٿي ويو آهي، متاثر زميندار بدين جي سيشن جج ڊپٽي ڪمشنر بدين،ايريگيشن کاتي جي ايڪسيئن ۽ ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو ته سندس بند پيل واٽر ڪورس کولرائي انصاف ڪيو وڃي.