بدين (رپورٽ: شفيع محمد جوڻيجو) ميونسپل ڪاميٽي بدين جي چوڏھن ڪائونسلرن ميونسپل ڪاميٽي آفيس ۾ پاڻمرادو ھنگامي اجلاس گھرائي ورتو، ڪائونسلرز چيو ته گذريل سال پاس ڪيل بجيٽ ۽ سنڌ حڪومت کان  ماھوار ملندڙ بجيٽ ۽ خرچن جا مڪمل تفصيل ھر ڪائونسلر کي ڏنا وڃن، ٺيڪن جي نيلامي جا ٽينڊر ڪينسل ڪيا وڃن، ان موقعي تي اجلاس ۾ شريڪ ڪائونسلرز فتح محمد گوپانگ چيو ته منهنجي وارڊ ۾ 2022 واري ٻوڏ ۾ برسات جي پاڻي ۾ ھڪ عورت ٻڏي فوت ٿي وئي، 18 مھينن کان دانھون ڪندو پيو اچان ته منهنجي وارڊ جي مختلف گھٽين ۾ مٽي جي ڀرائي ڪرائي وڃي پر اڄ ڏينهن تائين عمل نه ٿيو آهي، چيئرمين پنهنجي وارڊ ۾ به ھڪ رپئي جو ترقياتي ڪم نه ڪرائي سگھيو آھي، صفائي ڪرائڻ ۾ به مڪمل ناڪام ٿي ويو، ڪائونسلر مدثر خاصخيلي چيو ته منهنجو وارڊ ۾ ڳوٺ حاجي ھاشم خاصخيلي ھر سال برساتن ۾ ٻڏندو آهي، انتظاميه طرفان بدين کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا آهن، مين گٽر نالا مڪمل بند پيا آھن، اقلتين جي نمائندي جيوت رام صحافين کي ٻڌايو ته بدين ۾ 24 پاڙا ھندو برادري جا آهن پر ھڪ به پاڙي ۾ ٽڪي جو به ڪم نه ڪرايو ويو آهي، ڪائونسلر ايڊووڪيٽ طارق ھاشماڻي صحافين کي ٻڌايو ته ميونسپل ڪميٽي بدين ۾ ويٺل بااثر چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين ۽ سندن ھٿ ٺوڪيا فوڪل پرسن اسان چونڊيل ڪائونسلرن کي ڪابه اھميت ڏيڻ لاءِ تيار ناھن، ڪائونسلر نورمحمد ملاح ۽ ڪائونسلر عاشق گوپانگ ٻڌايو ته اسان جي گڏجاڻي جو مقصد برساتن  ۾ بدين کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ آهي .