بخشاپور: گذريل ڏينهن مبينا اغوا ٿيل پورهيت جو ڏس نه پتو

0
393
ٽنڊو آدم ۽ ميهڙ ۾ مبينا پوليس

بخشاپور(ن پ ا) بخشاپور ويجهو مياڻي ٿاڻي جي حد مان گذريل ڏينهن مبينا اغوا ٿيل پورهيت دلمراد ڀٽو جو ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو، مغوي جي وارثن ۾ ڳڻتي واري لهر ڇانيل آهي، مياڻي پوليس 24 ڪلاڪ گذرڻ بعد به مغوي جي بازيابي لاء ڪک ڀنڃي ٻيڻو نه ڪيو، مغوي جي وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس گذريل ڏينهن کان وٺي مغوي جي بازيابي لاءِ دلچسپي ڪون پئي وٺي، غريب مسڪين پورهيت آهيون دلمراد کي جلد کان جلد بازياب ڪرائي ڏنو وڃي.