بخشاپور (ن پ ا) بخشاپور ويجهو ڳوٺ غوث بخش بنگوار ۾ نوجوان آپگهات ڪري ڇڏيو، 20ورهين جي نوجوان طارق پُٽ خان محمد بنگوار پاڻ مٿان پسٽل جا فائر ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو، ذريعن موجب نوجوان گهرواڻبڻت سبب انتهائي قدم کنيو، نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ رورل هيلٿ سينٽر آندو ويو، پوسٽ مارٽم بعد وارث لاش کڻائي گهر پهتا ته ڪهرام مچي ويو، بخشاپور پوليس سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر رابطو نه ٿي سگهيو.