بخشاپور: مزدوري ڪري گهر ويندڙ پورهيت مبينا اغوا

0
194

بخشاپور (ن پ ا) بخشاپور جي مياڻي ٿاڻي جي حد مان نامعلوم هٿياربندن 18 سالا پورهيت دلمراد ڀٽو کي مبينا اغوا ڪري فرار ٿي ويا، رات دير سان نوجوان هوٽل جي مزدوري ڪرڻ بعد شهر کان گهر گودي بنگلو طرف وڃي رهيو هو ته رستي مان مبيان طور اغوا ٿي ويو، مغوي جي وارث غلام ياسين ڀٽو جو چوڻ آهي ته نوجوان هوٽل تي مزدورر ڪندو هو، جيڪو رات موٽرسائيڪل تي گهر طرف اچي رهيو ته نامعلوم هٿياربند اغوا ڪري ويا ۽ موٽرسائيڪل واقعي واري هنڌ پيل ملي آهي اهڙو اطلاع حد پوليس مياڻي ايٽ بڊاڻي کي ڏنو ويو آهي، جڏهن ته نوجوان جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو آهي آهي.