بحريه ٽائون ڌرڻو: پوليس پاران مظاهرين مٿان شيلنگ

0
306

ڪراچي : بحريه ٽائون خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ڌرڻي دوران پوليس مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ شيلنگ شروع ڪري ڏني. ڌرڻي دوران جڏهن ڪجهه شرپسند ماڻهن بحريه ٽائون اندر داخل ٿي باهيون ڏنيون ته پوليس اندران شيلنگ ڪري ڏني، ان دوران پوليس شيلنگ ڪندي اڳتي وڌندي آئي ۽ جنهن هنڌ اسٽيج ٺاهيو ويو هو، ان جي ڀرسان شيلنگ ڪئي وئي. جنهن بعد سنڌ ايڪشن ڪميٽي جا اڳواڻن کي اسٽيج تي لاهي گاڏين ۾ ويهاريو ويو.