بحريا ٽائون مٿان ملڪيتن جي وڪري ۽ اشتهاربازي تي بندش: ملڪ رياض تي فراڊ ڪيس داخل

0
316

ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي 18 ڪروڙ 15 لکن جا چيڪ بائونس ٿيڻ بعد بحريا ٽائون انتظاميا جي ملڪيتن جي وڪري توڙي انهن جا  اشتهار ڏيڻ بابت جاري ڪيل اين او سي رد ڪري ڇڏي، ملڪ رياض ۽ علي رياض خلاف ڪيس داخل

  ان ڏس ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي طرفان فريادي ظهير حسين قريشي گلشن اقبال ٿاڻي تي بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض ۽ سندس پٽ علي رياض خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو

فريادي ڄاڻايو ته بحريا ٽائون پروپرائيٽرز ذريعي لي آئوٽ پلان جي بنياد تي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ سيل اينڊ ايڊورٽائيزمينٽ جي اين او سي لاءِ اپلاءِ ڪيو هو، ان جي مد ۾ 3 چيڪ جمع ڪرايا، هڪ چيڪ 6 ڪروڙ 5 لک 69 هزار 643، ٻيو چيڪ  6 ڪروڙ 5 لک 69 هزار 644 ۽ ٽيون چيڪ 6 ڪروڙ 5 لک 69 هزار 645 رپين جي ماليت جو هو، ٽئي چيڪ بائونس ٿي ويا

هوڏانهن پوليس ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي. ٻئي طرف سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي طرفان بحريا ٽائون انتظاميا کي خط لکي آگاهي ڏني وئي آهي ته چيڪ بائونس ٿيڻ بعد اٿارٽي پاران بحريا ٽائون کي سيل اينڊ ايڊورٽائيزمينٽ جي جاري ڪيل اين او سي ڪينسل ڪئي وئي آهي