بحريا ٽائون انتظاميا ۽ ملير پوليس پاران قديمي ڳوٺن تي قبضي لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر آپريشن

0
380

ملير (رپورٽر) بحريه ٽائون انتظاميا ۽ ملير پوليس طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اسٽي آرڊر جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، ملير جي ڳوٺ ڪمال جوکيو ۽ ٻين قديمي ڳوٺن ۾ مبينا قبضي لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر آپريشن ڪيو ويو، ڳوٺاڻن جا گهر ڊاهڻ لاءِ ڳري مشينري جو استعمال ڪيو ويو، ڳوٺاڻا عورتن ۽ ٻارن سوڌو آپريشن خلاف ٻاهر نڪري آيا، مڇريل ماڻهن جي پٿراءُ بعد بحريه ٽائون جو عملو واپس روانو، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اسٽي آرڊر ۽ پ پ چيئرمين جي نوٽيس وٺڻ باوجود بحريه ٽائون انتظاميا قبضا خوري ختم نه ڪئي، سنڌ سرڪار به ملير پوليس کي ڳوٺاڻن خلاف ڪارروائي کان نه روڪيو، بحريه ٽائون انتظاميا قبضن لاءِ زبردستي قديمي ڳوٺ خالي ڪرڻ گهر ٿي، متاثرن طرفان بحريه ٽائون انتظاميا ۽ ملير پوليس خلاف نوٽيس وٺي ڪارروائيون بند ڪرائڻ مطالبو ڪيو.