نوشهرو فيروز (رپورٽر) صحت کاتي نوشھرو فيروز جي برطرف ملازمن پاران پنهنجي بحاليءِ لاءِ روزي جي حالت ۾ سول اسپتال کان پريس ڪلب تائين مظاهرو ڪري نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو ويو، جنهن جي اڳواڻي سيد رفاقت شاهه، ممتاز ڀٽي، جاويد حسين کهو، خالد حسين مستوئي ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان صحت کاتي ۾ 9 سال پنهنجي ڊيوٽي ايمانداريءَ سان ڪئي آهي پر سيڪريٽري صحت بنا نوٽيس ڏيڻ جي اسان کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي ۽ گذريل چئن مهينن کان پگهارون پڻ بند ڪري ڇڏيون آهن جنهن ڪري اسان فاقاڪشيءَ تي مجبور ٿي ويا آهيون. هنن وزير اعليٰ سنڌ کان گهر ڪئي ته فوري طور نوٽيس وٺي پنهنجا آئيني ۽ قانوني اختيار استعمال ڪري غير قانوني طور برطرف ڪيل 75 ملازمن کي انساني همدرديءَ جي بنياد تي بحال ڪري سندن بيچيني ختم ڪئي وڃي.