بجيٽ کان پوءِ ٻي وڏي واردات!

0
14
بجيٽ کان پوءِ ٻي وڏي واردات!
ملير جي سنڌي ڳوٺن تي قبضي جون ڪوششون

اڳ ئي عام ماڻهن لاءِ ڊيٿ وارنٽ جهڙي نئين مالي سال جي بجيٽ تي نيپرا صحي ڪندي بجليءَ جي بنيادي اگھن ۾ في يونٽ 5.72 روپيا واڌ ڪري ڇڏي آھي ۽ اھو فيصلو منظوري لاءِ وفاقي حڪومت کي موڪليو ويو آھي. اھو فيصلو سال 25-2024ع لاءِ ڪيو ويو آھي، جيڪو پھرين جولاءِ کان لاڳو ٿيندو. ان فيصلي سان بجليءَ جي بنيادي قيمت 29.78 روپين مان وڌي ساڍا 35 روپيا في يونٽ ٿي ويندي. ھن وقت ئي بجليءَ جو في يونٽ ٽيڪس لڳڻ کانپوءِ عوام کي لڳ ڀڳ 60 روپين ۾ ڏنو پيو وڃي ۽ بنيادي اگھه ۾ نئين اضافي کانپوءِ اھا قيمت بجليءَ جي عام واھپيدارن جي برداشت کان ئي ٻاھر ٿي ويندي. خودڪشيون وڌي وينديون ۽ ماڻھو اڻ ھوند واري اذيت ناڪ زندگيءَ تي موت کي ترجيح ڏيڻ لڳندا.

ھن ملڪ جي عوام سان حڪمرانن اھو ڪجھ ڪيو آھي، جيڪو دنيا ۾ سامراجي گماشتا به ناھن ڪندا. ملڪي عوام کي چوکنڀو ٻڌي عالمي مالياتي اداري جي قدمن ۾ اڇلايو ويو آھي. بجيٽ ۾ ئي ظالماڻا ٽيڪس ھڻي عوام جي جيئڻ جا گس بند ڪيا ويا آھن، ماڻھن جي اڳ ۾ ئي جيئاپي لاءِ ضروري بنيادي اسمن تائين رسائي نه ھئي، ھاڻي نوان ٽيڪس مڙھڻ کانپوءِ مقام ۽ مساڻ آباد ٿيندا. ايف بي آر چيئرمين جو اھو بيان سڀ ڪجھ سمجهائڻ لاءِ ڪافي آھي، جنھن ۾ ھن چيو آھي ته 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ٿيڻ کانپوءِ پھرين جولاءِ کان اٽي، چانور، دال، کنڊ ۽ مصالحن جا اگھ وڌي ويندا. ڳالھ اھا آھي ته جڏھن خوراڪ جي انھن بنيادي اسمن جا اگھ سيلز ٽيڪس لاڳو ٿيڻ کانپوءِ وڌي ويندا ته باقي رھجي ئي ڇا ٿو وڃي؟ مٿان وري بجليءَ جي اگهن ۾ ھيڏو وڏو اضافو ماڻھن کي پٿر جي دور ۾ موڪلي ڇڏيندو. جڏھن به بجليءَ جي قيمت وڌندي آھي ته ھر شئي جا اگھ وڌي ويندا آھن، ڇو ته ھر پراڊڪٽ جي قيمت ۾ لڳ ڀڳ 25 سيڪڙو ٻارڻ جي قيمت پڻ شامل ھوندي آھي. بجيٽ ۾ وڌايل ٽيڪسن کانپوءِ بجلي جي اگهن ۾ واڌ ھن ملڪ جي غريب اڪثريت تي ٻيو وڏو حملو آھي. پگهاردار طبقي جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آھي ۽ وري ھڪ ئي ڌڪ سان سيلز ٽيڪس وڌائي ھڪ ھٿ سان ڏئي ٻئي ھٿ سان واپس ورتو ويو آھي. بجليءَ جي اگهن ۾ واڌ ٻي وڏي واردات آھي.

ائين لڳندو آھي ته چونڊيل ايوان نه پر ناٽڪ گهر ھجن. عوام کي ڏيکارڻ لاءِ بجيٽ جي مخالفت جا ڊراما به ٿين ٿا، ڊائس جو گھيراءُ به ٿئي ٿو، بجيٽ دستاويز جون ڪاپيون به ڦاڙيون وڃن ٿيون، نعرن جي وندر جو خوب استعمال ٿئي ٿو. اھو سڀ ڪجھ سياسي جوڻ مٽائي پي ٽي آءِ مان سني اتحاد ڪائونسل جو روپ وٺندڙن طرفان ڪيو وڃي ٿو. پ پ پ، جيڪا ھونءَ ته حڪمران اتحاد جو حصو آھي ۽ اقتدار ۾ حصيدار پڻ آھي، اھا ائين ئي ڪندي، جيئن ميان رضا رباني ڪندو آيو آھي، جيڪو پھرين ڳوڙھا ڳاڙيندو آھي ۽ پوءِ فيصلي جي مخالفت کانپوءِ ان جي حق ۾ ووٽ ڏيندو آھي. (هاڻي ته اهو به ناهي) مطلب ته پ پ پ  بجيٽ جي مخالفت به ڪري ٿي، ان تي تنقيد به ڪري ٿي ۽ آخر ۾ شھباز شريف کي خاطري به ڪرائي آھي ته اھا بجيٽ منظوريءَ جي حق ۾ ووٽ ڪندي. مطلب ته سڀ پاڻ ۾ ٺھيل ۽ ھڪ ئي ڪاسٽ جو حصو آھن، صرف ادا ڪرڻ لاءِ ڪردار ڌار ڌار آھن.

حڪمرانن دراصل عوام جي سگھ ۽ مزاج جو غلط اندازو لڳايو آھي. عوام جي ٻانھن ۾ اڃان به ڇٽ پَٽن سان ھڻڻ جيترو ٻَل موجود آھي. جڏھن ھي ستل شينھن جاڳيو ته ھر شئي ڪک پن ٿي ويندي. انڪري بجليءَ جي بنيادي اگھن ۾ ڪيل وڏي واڌ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي. وفاقي حڪومت کي گھرجي ته عوام جي جيئڻ جا گس بند ڪندڙ نيپرا جي ھن فيصلي جي منظوري نه ڏني وڃي. ان کانسواءِ بجيٽ ۾ عوام تي مڙھيل ظالماڻا ٽيڪس واپس ورتا وڃن.