بجلي ٻيهر 9 رُپيا 42 پئسا مهانگي ڪرڻ جون تياريون

0
196

قهر جي گرمي ۾ بجلي جي اڻهوند سبب اڳ ئي پريشان ڪراچي واسين لاءِ بجلي ٻيهر 9 رُپيا 42 پئسا مهانگي ڪرڻ جون تياريون ڪيون ويون آهن

نيپرا طرفان فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي مهانگي ڪرڻ لاءِ ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي

ٻڌڻي بعد جاري ٿيل پڌرائي ۾ نيپرا چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ ايف سي اي جي مد ۾ 11 رُپيا 34 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڏني

ڊيٽا جي جاچ موجب ايف سي اي جي مد ۾ 9 رُپيا 42 پئسا في يونٽ واڌ ٺهي ٿي، ڊيٽا جي وڌيڪ جاچ بعد تفصيلي فيصلو جاري ڪيو ويندو