بجلي جي بلن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ خلاف ٽئين ڏينهن به ملڪگير احتجاج

0
172

ڪراچي: بجلي جي بلن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ خلاف ٽئين ڏينهن به ملڪگير احتجاج جاري، ڌرڻن سبب سنڌ ۽ پنجاب جي ٽرئفڪ معطل، مهانگائي سٽيل ماڻهن بل به ساڙي ڇڏيا، سنڌ، پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان  سميت آزاد ڪشمير ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

 سکر واسي گهنٽا گهر چوڪ تي شاميانا هڻي سيپڪو خلاف ڌرڻو هڻي ويهي رهيا،  حيدرآباد ۾ به احتجاجي مظاهرو، بهاولپور ۾ مظاهرين سنڌ-پنجاب کي ملائيندڙ قومي شاهراهه بلاڪ ڪري ڇڏي

لاهور ۾ سوين ماڻهن جلوس ڪڍي بل باهه جي نذر ڪري ڇڏيا، ڪوٽلي ۾ بيبڊ باجا  وڄائي احتجاج، لائن آف ڪنٽرول تي بجلي جي بلن کي باهه ڏني وئي، خانيوال ۾ وڪيل سراپا احتجاج، ڪوئيٽا، قلات ۽ مستونگ ۾ مظاهرا، پشاور جا واپاري ڪاروبار بند ڪري رستن تي نڪري ِآيا

 مظاهرين جو چوڻ آهي ته 2 پکا ۽ هڪ سيور استعمال ڪرڻ تي به 16 هزار رپيا بل اچي رهيو آهي؟ ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن، 20 کان 20 هزار پگهار کڻندڙ يا روزانو هزار رپيا ڪمائيندڙ پورهيت 30 کان 40 هزار بل ادا ڪيئن ڪندو، بل ادا ڪندو ته کائيندو ڇا، ٻچڙن ڇا کارائيندو

هي به پڙهندا

بجلي مهانگي ٿيڻ خلاف عوامي احتجاج، نگران وزيراعظم هنگامي اجلاس سڏائي ورتو