ميرپورخاص (بيورورپورٽ) بجلي جي بحالي نه ٿيڻ تي ماڻهو روڊن تي نڪري آيا. ان ڏس ۾ ميرپورخاص شهر توڙي ڀرپاسي جي علائقن ۾ گذريل ڏينهن جي برسات کي بند ٿئي 24 ڪلاڪن کان وڌيڪ جو وقت گذري ويو آهي پر ميرپورخاص جي ڪيترن ئي فيڊرز تي بجلي جي فراهمي بحال نه ٿي سگهي آهي.جنهن سبب شهرين جرواري چوڪ،فضلو چوڪ، پنهور ڪالوني ۽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرا ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيا آهن،جنهن سبب عمرڪوٽ، مٺي ، ڊگڙي، جهڏو، نوڪوٽ، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي مظاهرو ڪندڙ لقمان، سليمان، نعمان ۽ ٻين چيو ته گزريل ڏينهن ٿيندڙ برسات کي بند ٿئي 24 ڪلاڪ کان وڌيڪ جو وقت گزري چڪو آهي پر واپڊا پاران هن وقت تائين اسان جي بجلي بحال ناهي ڪئي،هنن چيو ته ڪجھ عرصو پهرين ميرپورخاص کي لوڊشيڊنگ فري زون قرار ڏنو ويو هو پر هتي 8 کان 10 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، بجلي بند ٿيڻ سبب گرمي ۾ گهرن ۾ ٻار پريشان ٿي ويا آهن ۽ پيئڻ جو پاڻي تائين ناهي،هنن اعلي اختيارن کان مطالبو ڪيو ته واپڊا عملدارن خلاف نوٽس وٺي جلد اسان جي بجلي بحال ڪئي وڃي.