شيخ ڀرڪيو (ن پ ا) شيخ ڀرڪيو ويجهو حيسڪو عملي پاران مختلف ڳوٺن جي بجلي ڪٽڻ خلاف  ڳوٺاڻن  احتجاجي مظاهرو ڪري حيدرآباد _شيخ ڀرڪيو روڊ تي ڌرڻو هنيو آهي، احتجاج ڪندڙن اويس ٽالپر، بالي خان ٽالپر، عامر ٽالپر ۽ ٻين جو چوڻ هو ته واپڊا عملي  بنا جواز  ڳوٺ الله بخش ٽالپر، سڪندر ٽالپر سميت مختلف ڳوٺن جي بجلي ڪٽي ڇڏي آهي، سخت گرمي ۾ ڳوٺاڻا پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، بجلي نه هئڻ ڪري گهرن اندر پيئڻ واري پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته نوٽيس وٺي حيسڪو عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري بجلي بحال ڪئي وڃي.