بجليءَ جي ڳاٽي ٽوڙ بلز سڄي ملڪ ۾ مظاهرا

0
98

بجليءَ جي ڳاٽي ٽوڙ بلز خلاف سنڌ، پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ پنجين ڏينهن به احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا آهن

سکر ۾ واپارين جي سڏ تي ريلي ڪڍي گهنٽا گهر چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ۾ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

بجليءَ جي بلن کي باهيون ڏنيون ويون، دادو ۾ شهرين ۽ دوڪاندارن بجليءَ جي بلن ۾ اضافي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ خلاف ڌرڻو هنيو، احتجاج دوران بجليءَ جي بلن کي باهيون ڏنيون ويون

مظاهرين چيو ته بجليءَ جي بلن ۾ اضافي ٽيڪس لڳائي عوام کان جيئڻ جو حق کسيو پيو وڃي

نوابشاهه ۾ واپارين جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪري شهر جون مک مارڪيٽون ۽ ننڍا وڏا ڪاروبار بند ڪيا ويا

نوابشاهه ۾ واپارين ۽ شهرين پاران ڳرن بلن  خلاف احتجاج ڪندي ڌرڻو به هنيو ويو

پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي مختلف شهرن ۾ به مظاهرن جو سلسلو جاري آهي، مظاهرين پاران بجليءَ جا ڳرا بل ادا نه ڪرڻ جون اپيلون ڪيون پيون وڃن