( ن پ ا ) عيد ويجهو ايندي ئي باڊھه ۾ مهانگائي چوٽ چڙهي وئي. هٿرادو مهانگائي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ٽائون هال آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.ان موقعي اصغر نوناري ، منور نوناري ۽ ٻين چيو ته اڳ ئي مهانگائي عوام جي چيل چٻي ڪري ڇڏي آھي پر جيئن ئي عيد جا ڏهاڙا ويجهو آيا آھن ته عام واهپي جي شين جا اگهه چوٽ چڙهي ويا آھن. ڪجهه ڏينهن اڳ ٽماٽو 80 روپيا في ڪلو وڪامي رهيو هو اهو ٽماٽو هاڻي 400 روپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آھي، بصر به 70  روپيا ڪلو جي حساب سان وڪرو ڪيو پئي ويو اهو بصر عيد ويجهو ايندي ئي 150 کان 170 روپيا في ڪلو وڪرو پيو ٿئي، عام واهپي جي سمورين شين جا اگهه هٿرادو طور وڌائي پورهيت طبقي کان جيئڻ جو حق کسيو پيو وڃي. هنن گهر ڪئي ته ڊي سي لاڙڪاڻو باڊھه ۾ هٿرادو مهانگائي جو نوٽيس وٺندي هٿرادو مهانگائي ڪندڙ دوڪاندارن خلاف ڪاروائي ڪري ته جيئن عام ماڻهو کي رليف فراهم ٿي سگهي.