باڊھه (ن پ ا) باڊھه واسي 2 شاگرد ڀائرن مزمل ۽ ياسر پٺاڻ تي لاڪ اپ اندر تشدد ڪندڙ باڊھه ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او جي پٽ نويد سولنگي جو نالو ڪيس ۾ داخل نه ڪرڻ خلاف متاثر شاگردن، وارثن ۽ شھرين پاران درگاھه چوڪ کان حيدر چوڪ تائين مظاھرو ڪري حيدر چوڪ وٽ ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي رشيد پٺاڻ، حڪيم جھتيال، مرتضيٰ گوپانگ، عبدالوحيد ڪانڌڙو ۽ ٻين چيو ته باڊھه واسي شاگرد ڀائرن مزمل ۽ ياسر پٺاڻ کي بيگناھه گرفتار ڪري لاڪپ اندر بي رحماڻو تشدد ڪرڻ ۾ ملوث اڳوڻي ايس ايڇ او رحمت الله سولنگي جي نويد سولنگي جو ايف آءِ آر مان نالو ڪڍيو ويو آھي، شاگردن جي وارثن پاران نويد جو نالو ڪچي ايف آءِ آر ۾ شامل ڪرايو ويو پر پوليس خارج ڪيو، هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته شاگردن تي تشدد ڪرڻ ۾ ملوث ايس ايڇ او جي پٽ نويد عرف راجا سولنگي جو نالو ڪيس ۾ داخل ڪيو وڃي.