باڊھه (ن پ ا) باڊھه ۾ عيد اسپيشل ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ پڄاڻي تي پهتو، فائنل ڏوڪري ۽ باڊھه جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويو، ڏوڪري ٽاس کٽندي باڊهه کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، باڊھه مقرر 10 اوورن ۾ 130 رنسون اسڪور ڪيو، باڊھه جي شبير ٻرڙو ۽ شاهزيب بروهي بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو جڏهن ته ڏوڪري جي سجاد جوڻيجو ۽ يونس جواد 3،3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، ڏوڪري جي ٽيم شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي مليل حدف 6 اوورن ۾ پورو ڪري ٽورنامينٽ جي فاتح ٽيم جو اعزاز ماڻي ورتو، ڏوڪري جي صدام ۽ مشتاق بهترين بيٽنگ ڪندي 90 جي پاٽنرشپ قائم ڪري پنهنجي ٽيم جي فتح کي يقيني بڻايو، ٽورنامينٽ جي اونر وحيد اسپورٽس طرفان ونر ٽيم کي 10 هزار روپيا ۽ رنر ٽيم کي 5 هزار روپيا ڪيش انعام ۽ ٽرافيون ڏنيون ويو.