لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) باڊهه ٿاڻي جي ايس ايچ او رحمت الله سولنگي جي پٽ نويد سولنگي خانگي بئنڪ جي مئنيجر جي ٻن پٽن ياسر پٺاڻ ۽ مزمل پٺاڻ کي پڪڙي باڊهه ٿاڻي جي لاڪپ ۾ مبينا طور تشدد جو نشانو بڻايو، وارث ٿاڻي تي پهچڻ تي ايس ايچ او باڊهه ٻنهي شاگرد ڀائرن ياسر پٺاڻ ۽ مزمل پٺاڻ کي آزاد ڪري ڇڏيو، اهڙي وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن ۾ ٻنهي شاگرد ڀائرن کي ٿاڻي جي لاڪپ اندر دانهون ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. ان حوالي سان ايس ايچ او جي پٽ جي ظلم جو نشانو بڻيل ٻنهي شاگرد ڀائرن جي وارثن دانهيندي چيو آهي ته اسان جا ٻار ڪيڊٽ ڪاليج جا شاگرد آهن جيڪي شادي جي تقريب کان ٿي گهر اچي رهيا هئا ته نويد سولنگي پنهنجي خانگي گن مينن جي مدد سان ٻنهي کي بيگناهه گرفتار ڪري باڊهه ٿاڻي تي وٺي وڃي لاڪپ ۾ بند ڪري کين تشدد جو نشانو بڻائي ساڻن ظلم ڪيو آهي. هوڏانهن ايس ايس پي لاڙڪاڻو نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي حيدري پارس بکراڻي کي واقعي جي جاچ لاءِ انڪوائري آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب واقعي جو نوٽيس ورتو جنهن کان پوءِ شاگردن جي والدين ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو سان ملاقات ڪري شاگردن مٿان ٿيل تشدد بابت ڊي آءِ جي  کي آگاهي ڏني. ان موقعي تي ڊي آءِ جي چيو ته واقعي بابت ايس ايس پي  سان رابطو ڪري کيس انڪوائري ڪرائڻ جي هدايت ڪئي جنهن کان پوءِ ڊي ايس پي حيدري پارس بکراڻي کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي، انڪوائري ۾ گناهه گار ثابت ٿيندڙن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي ويندي. ٻئي پاسي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته باڊهه ٿاڻي جي ايس ايچ او رحمت الله سولنگي جي پٽ نويد سولنگي غيرقانوني گشت دوران ڪيڊٽ ڪاليج جي ٻن شاگردن ياسر ۽ مزمل پٺاڻ کي روڪيو ته سندن وچ ۾ منهن ماري ٿي پئي جنهن کان پوءِ ايس ايچ او جي پٽ کين گرفتار ڪري ٿاڻي ۾ لاڪپ ڪري تشدد جو نشانو بڻايو آهي.هوڏانهن ايس ايس پي روحل کوسو وڏي منشي طالب حسين، اي ايس آءِ اسد الله شاھ، سپاهي علي گل ۽ صدام حسين کي سسپينڊ ڪري ڇڏيو، زخمي ٻن شاگردن کي علاج لاءِ ليٽر به ڏنو ويو